Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 9:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ هو عفرہ ۾ پنهنجي پيءُ جي گھر ويو ۽ پنهنجي ماٽيلن ڀائرن يعني جِدعون جي ستر ئي پٽن کي هڪڙي ئي پٿر تي ڪٺائين. پر جِدعون جو سڀ کان ننڍو پٽ يوتام بچي ويو، ڇاڪاڻ تہ هن وڃي پاڻ کي لڪايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پوءِ هو عفرہ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ويو، ۽ پنهنجن ڀائرن يروبعل جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺائين، جي ستر ڄڻا هئا: پر يروبعل جو سڀ کان ننڍو پٽ يوتام رهجي ويو؛ ڇالاءِ جو هن وڃي پاڻ کي لڪايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 9:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻ اچ تہ آءٌ تو کي صلاح ڏيان تہ جيئن تنهنجي ۽ تنهنجي پٽ سليمان جي زندگي بچي سگھي.


نہ تہ جڏهن توهان وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سمهندا تڏهن آءٌ ۽ منهنجو پٽ سليمان مجرم ليکيا وينداسون.“


جڏهن ييهو سامريہ شهر ۾ آيو تڏهن اتي اخي‌اب جي گھراڻي مان جيڪي ماڻهو بچيا هئا تن سڀني کي هن مارائي ناس ڪري ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان الياس نبيءَ سان خداوند جو ڪيل فرمان سچو ثابت ٿيو.


سو جڏهن اهو خط کين مليو تڏهن هنن بادشاهہ جي اولاد مان ستر ئي ڄڻن جون سسيون لاهي ڇڏيون. هنن اهي سسيون ٽوڪرين ۾ وجھي ييهوءَ ڏانهن يزرعيل شهر ۾ ڏياري موڪليون.


انهيءَ کان پوءِ هو پنهنجي دائيءَ سان خداوند جي هيڪل ۾ ڇهہ سال لڪل رهيو جڏهن تہ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي پئي ڪئي.


هاڻي يهورام جڏهن پنهنجي پيءُ جي بادشاهت حاصل ڪري پاڻ کي مضبوط ڪيو، تڏهن هن ملڪ جي ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن سان گڏ پنهنجي سڀني ڀائرن کي بہ قتل ڪرائي ڇڏيو.


جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.


جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ مريم کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ وڃ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ٻار کي مارائڻ جي ڪوشش ڪن پيا سي مري ويا آهن.“


هڪڙي ڏينهن خداوند جو ملائڪ عفرہ ڳوٺ ۾ آيو ۽ يوآس ابيعزريءَ واري شاهہ‌بلوط وڻ هيٺ ويهي رهيو. اتي يوآس جو پٽ جِدعون انهيءَ وقت انگورن جي چيچڙي ۾ مديانين کان لڪي ڪڻڪ پئي ڳاهي.


تڏهن جِدعون اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ‌سلوم رکيائين. اها اڄ ڏينهن تائين ابيعزر واري گھراڻي جي ڳوٺ عفرہ ۾ موجود آهي.


هن کي ستر سڳا پٽ هئا، ڇاڪاڻ تہ کيس گھڻيون ئي زالون هيون.


پر اوهان اڄ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي خلاف بغاوت ڪري، سندس ستر پٽن کي ساڳئي ئي پٿر تي ڪٺو آهي ۽ منهنجي پيءُ جي ويهاريل ٻانهيءَ جي پٽ ابيملڪ کي سڪم جو بادشاهہ ڪيو اٿوَ، رڳو انهيءَ ڪري جو هو اوهان جو مائٽ آهي.


”سڪم جي سڀني رهاڪن کان پڇي ڏسو تہ ڇا اوهان جي لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي تہ جِدعون جا سڀيئي يعني ستر ئي پٽ اوهان تي حڪومت ڪن يا اها ڳالهہ تہ هڪڙو ئي ماڻهو اوهان تي حڪومت ڪري؟ اهو پڻ ياد رکو تہ آءٌ اوهان جو هڏ رت آهيان.“


تڏهن سڪم ۽ بيت‌ملو جا سڀ رهاڪو سڪم ۾ شاهہ‌بلوط وڻ جي ڀر واري مذهبي ٿنڀي وٽ گڏ ٿيا ۽ اتي ابيملڪ کي پنهنجو بادشاهہ بڻايائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ