Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 9:49 - Muslim Sindhi Bible

49 تڏهن هر هڪ ڄڻي اهڙيءَ طرح هڪڙي هڪڙي ٽاري وڍي ۽ ابيملڪ جي پٺيان لڳي پيا. انهن اهي قلعي جي چوڌاري رکيون ۽ پوءِ انهيءَ قلعي کي کڻي باهہ ڏنائون. سو سڪم جي ٺُلهہ مان نڪتل سڀ مُکيہ ماڻهو سڙي مري ويا جيڪي اٽڪل هڪ هزار مرد ۽ عورتون هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

49 ۽ سڀئي ماڻهو هڪڙي هڪڙي ٽاري وڍي ابيملڪ جي پٺيان ويا، ۽ اُهي بهري جي چوڌاري رکيائون، ۽ پوءِ انهيءَ بهري کي کڻي باهہ ڏنائون؛ جنهن ڪري سڪم جي ٺلهہ جا سڀ ماڻهو، جي اٽڪل هڪ هزار مرد ۽ زالون هئا، سي مري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 9:49
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن اوهين هڪٻئي کي چڪ هڻندا ۽ ڳڙڪائيندا ٿا وڃو تہ خبردار ٿجو، متان هڪٻئي کي چٽ ڪري سڀيئي برباد ٿي وڃو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جتي حسد ۽ خودغرضي هوندي آهي، اتي جھيڙو جھڳڙو ۽ هر طرح جو برو ڪم بہ هوندو آهي.


ڪنڊيءَ جي ٻوٽي کين چيو تہ ’جيڪڏهن سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اچو ۽ منهنجيءَ ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو. پر جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ ڀلي مون ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري ۽ لبنان جي ديال جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي.‘“


پر جي نہ، تہ پوءِ ڀلي ابيملڪ مان باهہ نڪري سڪم جي ماڻهن ۽ بيت‌ملو جي گھراڻي کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي ۽ ڀلي تہ سڪم جي ماڻهن ۽ بيت‌ملو جي گھراڻي مان باهہ نڪري ابيملڪ کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي.“


تيئن ئي هو پنهنجي لشڪر سميت ضلمون جي جبل تي چڙهي ويو. تڏهن ابيملڪ پنهنجي هٿ ۾ ڪهاڙو کڻي وڻ مان هڪڙي ٽاري وڍي ۽ اها مٿي کڻي پنهنجي ڪلهي تي رکيائين. پوءِ پنهنجي لشڪر کي چيائين تہ ”جيئن اوهان مون کي ڪندي ڏٺو آهي سو اوهين بہ جلدي ائين ئي ڪريو.“


تنهن کان پوءِ ابيملڪ تيبض ڏانهن ويو ۽ انهيءَ شهر کي گھيرو ڪري مٿس قبضو ڪري ورتائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ