Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 9:45 - Muslim Sindhi Bible

45 ابيملڪ اهو سڄو ڏينهن شهر وارن سان وڙهندو رهيو، آخرڪار شهر تي قبضو ڪري منجھس جيڪي ماڻهو هئا تن کي قتل ڪيائين. پوءِ هن شهر کي ڊاهي ميدان ڪرائي مٿس لوڻ ڇٽرائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

45 ۽ ابيملڪ انهي ڏينهن شهر سان وڙهندو رهيو: ۽ هن شهر ورتو ۽ جيڪي ماڻهو ان ۾ هئا، تن کي قتل ڪيائين، ۽ شهر کي ڊاهي ميدان ڪري انهي تي لوڻ ڇاٽاري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 9:45
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ يربعام افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر کي ڪوٽ ٻڌرائي اُتي رهڻ لڳو. بعد ۾ هو اتان هليو ويو ۽ وڃي فنوايل شهر کي ڪوٽ ٻڌرايائين.


هنن شهرن جا شهر ناس ڪري ڇڏيا ۽ هر ماڻهوءَ پوک وارين ٻنين ۾ پٿر اڇلائي انهن کي ڀري ڇڏيو. هنن پاڻيءَ جا سڀ چشما بند ڪري ڇڏيا ۽ سڀ ڪارائتا وڻ وڍي ڇڏيائون. آخرڪار رڳو موآبين جي گاديءَ جو هنڌ قيرحراست وڃي بچيو هو، پر فوج جي کانڀاڻي‌بازن انهيءَ جو بہ وڃي گھيرو ڪيو ۽ مٿس حملو ڪيائون.


تنهن هوندي بہ کاري سمنڊ جي ڪناري وارا هيٺاهان ڍورا ۽ تلاءَ مٺا نہ هوندا، انهيءَ لاءِ تہ انهن مان لوڻ حاصل ڪيو وڃي.


تنهنڪري، آءٌ قادر‌مطلق خداوند، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“


اهي هي بہ ڏسندا تہ سڄي زمين گندرف ۽ شورو لڳي پيئي آهي ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي جو منجھس نڪي ڪجھہ پوکجي ٿو، نڪي ان مان پيداوار ٿئي ٿي، نڪو وري منجھس ڪو گاهہ ٿو اڀري. هو ڏسندا تہ اهو ملڪ سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جن کي خداوند پنهنجي قهر ۽ غضب سان نابود ڪري ڇڏيو هو.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


ابيملڪ هڪ ٽولي سان گڏ ڊوڙي شهر جي دروازي جي لنگھہ تي گھٽ وٺي بيٺو ۽ جيڪي ماڻهو ٻنيءَ ۾ هئا تن سڀني تي ابيملڪ جي ٻين ٻن ٽولن ڪاهہ ڪري کين ماري وڌو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ