Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 9:43 - Muslim Sindhi Bible

43 سو ابيملڪ پنهنجو لشڪر وٺي انهيءَ کي ٽن ٽولن ۾ ورهايو ۽ ٻنيءَ ۾ لڪي ويهي رهيو. جڏهن هن ڏٺو تہ ماڻهو شهر مان نڪري پيا اچن تڏهن هو کين مارڻ لاءِ اُٿي سامهون ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 ۽ هن ماڻهن کي ٽن ٽولين ۾ ورهايو، ۽ ٻنيءَ ۾ لڪي ويهي رهيو؛ ۽ جڏهن ڏٺائين تہ ماڻهو شهر مان نڪري پيا اچن، تڏهن هو اُٿي انهن جي سامهون ٿيو، ۽ انهن کي ماريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 9:43
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود انهن کي ٽن ٽولن ۾ روانو ڪيو. هن هڪڙو ٽولو يوآب جي هٿ هيٺ، ٻيو ٽولو يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن جي هٿ هيٺ ۽ ٽيون ٽولو اِتي نالي هڪڙي جاتيءَ جي هٿ هيٺ روانو ڪري ڇڏيو. بادشاهہ جوانن کي چيو تہ ”آءٌ پاڻ بہ اوهان سان گڏ هلندس.“


ابيملڪ کي خبر پيئي تہ ٻئي ڏينهن تي صبح جو ماڻهو سڪم شهر مان نڪري ٻنيءَ ڏانهن ويندا.


ابيملڪ هڪ ٽولي سان گڏ ڊوڙي شهر جي دروازي جي لنگھہ تي گھٽ وٺي بيٺو ۽ جيڪي ماڻهو ٻنيءَ ۾ هئا تن سڀني تي ابيملڪ جي ٻين ٻن ٽولن ڪاهہ ڪري کين ماري وڌو.


ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سائول پنهنجي ماڻهن جون ٽي ٽوليون ٺاهيون ۽ پرهہ ڦٽيءَ مهل دشمنن جي لشڪرگاهہ تي اچي حملو ڪيائين. جيستائين ڏينهن گرم ٿيو تيستائين هو عمونين کي ماريندا رهيا. پوءِ جيڪي عموني باقي بچيا سي ڀڄي ڪڻو ڪڻو ٿي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ ڄڻا بہ ڪٿي گڏجي ڪين رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ