42 ابيملڪ کي خبر پيئي تہ ٻئي ڏينهن تي صبح جو ماڻهو سڪم شهر مان نڪري ٻنيءَ ڏانهن ويندا.
42 ۽ صبح جو اُهي ماڻهو نڪري ٻاهر ٻنيءَ ۾ ويا؛ ۽ اها ڳالهہ ابيملڪ کي ٻڌايائون.
تنهن بعد ابيملڪ واپس موٽي اچي ارومہ ۾ ترسي پيو. جعل ۽ سندس گھراڻي وارن کي زبول سڪم شهر مان تڙي ڪڍي ڇڏيو، تہ جيئن هو اڳتي لاءِ اتي نہ رهن.
سو ابيملڪ پنهنجو لشڪر وٺي انهيءَ کي ٽن ٽولن ۾ ورهايو ۽ ٻنيءَ ۾ لڪي ويهي رهيو. جڏهن هن ڏٺو تہ ماڻهو شهر مان نڪري پيا اچن تڏهن هو کين مارڻ لاءِ اُٿي سامهون ٿيو.