Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 9:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هنن بعل‌بريت ديوتا جي مندر مان ستر چانديءَ جا سڪا ڪڍي آڻي ابيملڪ کي ڏنا، جن سان هن ڪي لچا‌لفنگا ماڻهو ڀاڙي ڪيا جيڪي سندس پوئلڳ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ هنن بعل بريت جي گهر مان ستر چانديءَ جا سڪا ڪڍي آندا، جن سان ابيملڪ بيهودا ۽ خسيس ماڻهو ڀاڙي ڪيا، جي سندس پوئلڳ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 9:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان پوءِ دائود بہ پنهنجي گھر موٽيو تہ جيئن پنهنجي ڪٽنب جي سار سنڀال لهي. تڏهن سائول جي ڌيءَ ميڪل دائود سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ کيس چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل جي بادشاهہ اڄ ڪهڙو نہ پنهنجو نالو ڪڍيو آهي، جو هن پاڻ کي پنهنجي نوڪرن جي ٻانهين جي اڳيان اگھاڙو ڪيو، جيئن ڪو خسيس ماڻهو بي‌شرم ٿي پاڻ کي اگھاڙو ڪري.“


ڪي لُچا لُفنگا ماڻهو هن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيا آهن ۽ رحبعام ولد سليمان جي مخالفت شروع ڪئي اٿائون، جڏهن تہ هو اڃا ننڍو ۽ فيصلي ڪرڻ ۾ پختو ڪين هو ۽ نہ وري انهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ايتري سگھہ هئس.


اهي سڀ بي‌وقوفن ۽ گمنامن جو اولاد هئا، کين چهبڪ هڻي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو ويو هو.“


پنهنجي ٻنيءَ ۾ محنت ڪندڙ هاريءَ کي جھجھو رزق ملي ٿو، مگر بيڪار ڪمن پٺيان پنهنجو وقت وڃائڻ بي‌وقوفي آهي.


هن شهر جا نبي سڏائيندڙ غيرذميوار ۽ ڪوڙا آهن. اتان جي ڪاهنن مخصوص شين کي ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ شريعت جي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيو اٿن.


پر گھڻن يهودين کي حسد ٿيو، سو انهن ڪي بازاري لوفر وٺي هڪ ٽولو ٺاهيو، جن سڄو شهر مٿي تي کنيو. انهن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو، تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاهر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.


تڏهن افتاح پنهنجي ڀائرن وٽان ڀڄي وڃي طوب علائقي ۾ رهڻ لڳو. اتي هن ڪن لچن‌لفنگن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ اهي ساڻس گڏجي ٻاهر وارداتون ڪندا هئا.


جِدعون جي مرڻ شرط بني اسرائيل وري خدا کان ڦري وڃي بعل ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن بعل‌بريت ديوتا کي پنهنجو معبود بڻايو.


هنن ٻنين ۾ وڃي انگور پٽي گڏ ڪيا ۽ انهن مان رس ڪڍي مئي ٺاهي پيتائون ۽ جشن ملهايائون. هو پنهنجي معبود جي مندر ۾ ويا اتي کاڌائون پيتائون ۽ ابيملڪ تي لعنتون وسايائون.


جيڪي ماڻهو ستايل هئا، جيڪي قرضدار هئا ۽ جيڪي باغي ٿي ويا هئا، سي سڀ اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو انهن جو سردار ٿيو. اهڙيءَ طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو ساڻس اچي شامل ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ