Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 9:17 - Muslim Sindhi Bible

17 ياد رکو تہ منهنجو پيءُ اوهان جي خاطر وڙهيو، پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي اوهان کي مديانين جي هٿن مان ڇڏايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 (ڇالاءِ جو منهنجو پيءُ اوهان جي لاءِ وڙهيو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، ۽ اوهان کي مديانين جي هٿن مان ڇڏايائين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 9:17
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“


بلڪ هنن منهنجي جان بچائڻ واسطي پنهنجي جان بہ خطري ۾ وجھي ڇڏي هئي. انهن جو نہ فقط آءٌ پر غير قومن جون سموريون ڪليسيائون پڻ ٿورائتيون آهن.


پر خدا اسان سان پنهنجو پيار انهيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ جان ڏني.


اسان جا ڀائر ڀينر گھيٽڙي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪري مٿس غالب پيا. هنن مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ ڪيو.


پوءِ جڏهن مون ڏٺو تہ اوهان مدد لاءِ نہ ايندءُ، تڏهن آءٌ پنهنجو سر تريءَ تي رکي بني عمون سان وڙهڻ لاءِ پار ويس، تڏهن خداوند مون کي انهن تي سوڀ ڏني. هاڻ ڇو اوهين اڄ مون سان وڙهڻ لاءِ آيا آهيو؟“


يوتام وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي جڏهن تہ اوهان ابيملڪ کي بادشاهہ ڪيو آهي تہ ڇا اوهان اها سچائي ۽ خلوص جي هلت ڪئي آهي؟ ڇا جِدعون ۽ ان جي گھراڻي سان سٺو سلوڪ ڪيو اٿوَ؟ ڇا انهيءَ جي ڪيل احسانن موجب هليا آهيو؟


پر اوهان اڄ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي خلاف بغاوت ڪري، سندس ستر پٽن کي ساڳئي ئي پٿر تي ڪٺو آهي ۽ منهنجي پيءُ جي ويهاريل ٻانهيءَ جي پٽ ابيملڪ کي سڪم جو بادشاهہ ڪيو اٿوَ، رڳو انهيءَ ڪري جو هو اوهان جو مائٽ آهي.


هن پنهنجو سِر تريءَ تي رکي وڃي انهيءَ فلستي جالوت کي ماريو، جنهن تي خداوند سڄي بني اسرائيل کي هڪ وڏي فتح حاصل ڪرائي. توهان پاڻ اها ڏٺي ۽ ڏاڍا خوش ٿيا. تڏهن ڇو هن بي‌گناهہ جو رت بي‌سبب هاري اوهين گنهگار ٿيڻ ٿا گھرو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ