Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 9:15 - Muslim Sindhi Bible

15 ڪنڊيءَ جي ٻوٽي کين چيو تہ ’جيڪڏهن سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اچو ۽ منهنجيءَ ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو. پر جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ ڀلي مون ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري ۽ لبنان جي ديال جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ ڪنڊيءَ جي وڻ چين تہ جي سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ اچو ۽ منهنجي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو: ۽ جي نہ، تہ ڀلي ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري، ۽ لبنان جي سرو جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 9:15
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يهوآس يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”لبنان جي ڪانڊيري لبنان جي ديال ڏانهن چوائي موڪليو تہ ’پنهنجي ڌيءَ منهنجي پٽ کي پرڻائي ڏي.‘ ايتري ۾ لبنان جو هڪڙو جھنگلي جانور اتان اچي لنگھيو ۽ ڪانڊيري کي لتاڙي هليو ويو.


لبنان جي ديال وارن وڻن کي جھجھو پاڻي ملي ٿو. اهي وڻ خداوند جا آهن جيڪي هن ئي پوکيا آهن.


خداوند جو آواز اهڙو آهي جو ديال جي وڻن کي ڀڃيو ڇڏي، بلڪ لبناني ديال جي وڻن کي بہ هو ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو ڇڏي.


اوهان جا زورآور بہ ڪکن ڪانن جهڙا ڪمزور ٿي ويندا، ۽ انهن جا ڪم چڻنگ مثل ٿيندا. اهي پنهنجن ڪمن سان گڏ باهہ ۾ پيا سڙندا، ۽ ڪوبہ انهيءَ کي اجھائڻ وارو ڪونہ هوندو.


هو لبنان جي سڀني اوچن ديال جي وڻن، ۽ بسن جي سڀني بلند شاهہ‌بلوط وڻن کي برباد ڪري ڇڏيندو.


اهي مون کان پڇڻ کان سواءِ ئي، مدد لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڀڄن، انهيءَ لاءِ تہ فرعون سندن حفاظت ڪري، ۽ هو مصر جي پاڇي ۾ پناهہ حاصل ڪن.


تو پنهنجي نوڪرن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بي‌شمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين، بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن.


اسان جي بچاءَ جي اميد، يعني خداوند جي چونڊيل بادشاهہ کي بہ هنن پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌو، جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هو اسان کي هر حملي ڪندڙ کان محفوظ رکندو.


ان جي هڪڙي شاخ کي باهہ لڳي، جنهن انهيءَ ول جو ميوو ۽ سڀ شاخون ساڙي ڇڏيون. جنهنڪري هاڻي انهيءَ ۾ ڪابہ مضبوط شاخ نہ رهي آهي، جيڪا حڪمرانيءَ واري شاهي لٺ بڻجي سگھي.‘“ هي اهو مرثيو آهي، جيڪو وري وري ڳايو ٿو وڃي.


ڏسو، اوهين لبناني ديال جي انهيءَ وڻ وانگر آهيو جنهن جون ٽاريون تمام سهڻيون هيون، جن جي ڪري اهو ڏاڍي ڇانوَ ڪندڙ هو. انهيءَ جو قد ايڏو تہ وڏو هو جو ان جي چوٽي وڃي آسمان سان ٿي لڳي.


انهيءَ جا پن سهڻا هئا ۽ منجھس ايترو تہ جھجھو ڦر هو، جو پوريءَ دنيا کي انهيءَ مان کاڌو ٿي مليو. جانورن ان جي هيٺان پناهہ ٿي ورتي، ۽ پکين ان ۾ آکيرا ٿي ٺاهيا، سڀني ساهوارن جو انهيءَ تي ئي گذران هو.


ڪڻڪ جي سلي جيان هو تازا توانا رهندا. اهي انگورن جي ول جيان جھجھو ڦر ڏيندا، ۽ لبنان جي مئي وانگر مشهور ٿيندا. هائو، اهي وري منهنجي ڇانوَ هيٺ رهندا.


ڏسو، حشبون شهر مان باهہ جي شعلي وانگر سيحون جي فوج نڪتي، جنهن موآب واري عار شهر کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ برساتي نهر ارنون وارن جبلن جي رهاڪو سردارن کي ڳهي ويئي.


جيتوڻيڪ هو سڀني ٻجن کان ننڍو آهي، تنهن هوندي بہ جڏهن ڦُٽي ٿو تہ سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿي وڃي ٿو. اهو وڌي وڻ وانگر ٿئي ٿو ۽ پکي اچي ان جي ٽارين ۾ واهيرا ڪن ٿا.“


تڏهن سڀني وڻن ڪنڊيءَ جي ٻوٽي کي چيو تہ ’تون ئي اچي اسان تي بادشاهي ڪر.‘


يوتام وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي جڏهن تہ اوهان ابيملڪ کي بادشاهہ ڪيو آهي تہ ڇا اوهان اها سچائي ۽ خلوص جي هلت ڪئي آهي؟ ڇا جِدعون ۽ ان جي گھراڻي سان سٺو سلوڪ ڪيو اٿوَ؟ ڇا انهيءَ جي ڪيل احسانن موجب هليا آهيو؟


پر جي نہ، تہ پوءِ ڀلي ابيملڪ مان باهہ نڪري سڪم جي ماڻهن ۽ بيت‌ملو جي گھراڻي کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي ۽ ڀلي تہ سڪم جي ماڻهن ۽ بيت‌ملو جي گھراڻي مان باهہ نڪري ابيملڪ کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي.“


ابيملڪ هڪ ٽولي سان گڏ ڊوڙي شهر جي دروازي جي لنگھہ تي گھٽ وٺي بيٺو ۽ جيڪي ماڻهو ٻنيءَ ۾ هئا تن سڀني تي ابيملڪ جي ٻين ٻن ٽولن ڪاهہ ڪري کين ماري وڌو.


تڏهن هر هڪ ڄڻي اهڙيءَ طرح هڪڙي هڪڙي ٽاري وڍي ۽ ابيملڪ جي پٺيان لڳي پيا. انهن اهي قلعي جي چوڌاري رکيون ۽ پوءِ انهيءَ قلعي کي کڻي باهہ ڏنائون. سو سڪم جي ٺُلهہ مان نڪتل سڀ مُکيہ ماڻهو سڙي مري ويا جيڪي اٽڪل هڪ هزار مرد ۽ عورتون هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ