14 تڏهن سڀني وڻن ڪنڊيءَ جي ٻوٽي کي چيو تہ ’تون ئي اچي اسان تي بادشاهي ڪر.‘
14 تڏهن سڀني وڻن ڪنڊيءَ جي وڻ کي چيو تہ تون اچي اسان تي بادشاهي ڪر.
پر يهوآس يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”لبنان جي ڪانڊيري لبنان جي ديال ڏانهن چوائي موڪليو تہ ’پنهنجي ڌيءَ منهنجي پٽ کي پرڻائي ڏي.‘ ايتري ۾ لبنان جو هڪڙو جھنگلي جانور اتان اچي لنگھيو ۽ ڪانڊيري کي لتاڙي هليو ويو.
پر انگورن جي ول کين چيو تہ ’وڻن مٿان لهرائڻ خاطر ڇا آءٌ پنهنجو رس ڇڏي ڏيان، جيڪو معبودن ۽ انسانن کي خوش ٿو ڪري؟‘
ڪنڊيءَ جي ٻوٽي کين چيو تہ ’جيڪڏهن سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اچو ۽ منهنجيءَ ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو. پر جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ ڀلي مون ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري ۽ لبنان جي ديال جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي.‘“