Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 9:1 - Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن ابيملڪ ولد جِدعون پنهنجي مامن وٽ سڪم شهر ۾ ويو ۽ انهن کي ۽ پنهنجي ناناڻن جي سڄي گھراڻي کي چيائين تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ ابيملڪ بن يروبعل پنهنجي مامن وٽ سڪم ۾ ويو، ۽ انهن کي، ۽ پنهنجي ناني جي گهراڻي واري قبيلي کي چيائين، تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 9:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يعقوب فدان‌ارام مان سلامتيءَ سان نڪري سڪم شهر ۾ آيو جيڪو ڪنعان ملڪ ۾ آهي. هن شهر جي ٻاهران اچي منزل ڪئي.


جڏهن انهيءَ علائقي جي حاڪم حمور حِويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو تہ کيس پڪڙي وڃي آبرو لُٽيائينس.


اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جا جيڪي بہ ماڻهو بادشاهہ وٽ عدالت جي لاءِ ايندا هئا، تن سان ابي‌سلوم ائين ئي هلندو هو. اهڙيءَ طرح ابي‌سلوم بني اسرائيل جي ماڻهن جون دليون موهي ورتيون.


رحبعام سڪم شهر ڏانهن ويو، جتي ڏهن ئي اترادي قبيلن جا ماڻهو کيس بادشاهہ بڻائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.


پوءِ جڏهن اتر وارن ڏهن قبيلن ٻڌو تہ يربعام مصر مان موٽي آيو آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي انهيءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کيس پنهنجو بادشاهہ بڻايائون. دائود جي گھراڻي سان رڳو سندن قبيلو يهوداہ ئي وفادار رهيو.


سو ماڻهو موڪلي هن کي اتان گھرايو ويو. پوءِ يربعام اترادي قبيلن جي ماڻهن سان گڏ اچي رحبعام کي چيو تہ


تڏهن ماڻهن چيو تہ ”اچو تہ يرمياہ جي خلاف ڪي منصوبا جوڙيون، ڇاڪاڻ تہ هن جي نہ هجڻ سان اسان جي ڪاهنن وٽان خدا جي شريعت هلي ڪين ويندي، نڪي اسان جي ڏاهن وٽان صلاح مصلحت ۽ نبين وٽان خداوند جو فرمان ختم ٿي ويندو. تنهنڪري اچو تہ سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪو ڏوهہ ڏيئي کيس ڦاسايون.“


تڏهن سڪم، سيلا ۽ سامريہ شهرن مان اسي ڄڻن جو هڪڙو ٽولو يروشلم وڃڻ لاءِ مصفاہ شهر وٽان لنگھي رهيو هو. هنن ڏک وچان پنهنجيون ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيون هيون، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ کي زخم رسايا هئائون. هنن خداوند جي هيڪل ۾ نذر ڪرڻ لاءِ اناج جون قربانيون ۽ لوبان پاڻ سان کنيا هئا.


سو هنن اردن درياءَ جي اولهہ طرف هي پناهہ جا شهر مقرر ڪيا: نفتاليءَ واري جابلو علائقي جي گليل واري حصي ۾ قادس شهر، افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر، يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ قريت‌اربع يعني حبرون شهر.


هن کي ستر سڳا پٽ هئا، ڇاڪاڻ تہ کيس گھڻيون ئي زالون هيون.


سندس هڪڙي سريت جيڪا سڪم شهر ۾ رهندي هئي تنهن مان بہ کيس هڪڙو پٽ ڄائو جنهن جو نالو ابيملڪ رکيائين.


جِدعون جيڪي بني اسرائيل سان ڀلايون ڪيون هيون تن لاءِ هو نڪي وري سندس گھراڻي جا شڪرگذار ئي رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ