Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 8:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن هو سڪات ۾ پهتا، تہ جِدعون اتان جي ماڻهن کي چيو تہ ”مهرباني ڪري منهنجي لشڪر جي ماڻهن کي کاڌو ڏيو، هو ڏاڍا ٿڪل آهن ۽ آءٌ مديانين جي بادشاهن زبح ۽ ضلمنع جو پيڇو ٿو ڪريان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ هن سڪات جي ماڻهن کي چيو تہ آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪي ماڻهو منهنجي پٺيان ٿا اچن، تن کي کاڌو ڏيو: ڇالاءِ جو هو ٿڪل آهن، ۽ آءٌ زبح ۽ ضلمنع، مديانين جي بادشاهن جي پٺيان ڪاهي ٿو وڃان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 8:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ملڪِ‌صدق جيڪو سالم جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو خاص بندو هو، تنهن بہ ماني ۽ مئي وٽس آندي.


پر يعقوب سفر ڪندو هڪ جاءِ تي اچي پهتو، جتي هن پنهنجي لاءِ هڪ گھر ٺاهيو ۽ پنهنجي ڍورن لاءِ ڇنو ٻڌائين. تنهنڪري انهيءَ جاءِ جو نالو سُڪات پئجي ويو.


خدا پنهنجي مقدس ترين جاءِ مان واعدو فرمايو آهي تہ ”آءٌ فتحيابيءَ جي خوشيءَ وچان سڪم جي علائقي جا ڀاڱا ڀاڱا ڪندس، ۽ سڪات واري ماٿري پڻ پنهنجي قوم ۾ ورهائي ڇڏيندس.


انهيءَ سبب جو جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا ٿي، تڏهن رستي ۾ اهي ماني ۽ پاڻي کڻي اوهان سان ملڻ لاءِ ڪين آيا، بلڪ اٽلندو هو بعور جي پٽ بلعام کي ارام جي ندين واري علائقي جي شهر فتور مان پئسا ڏيئي وٺي آيا، تہ جيئن اهو اوهان تي لعنت وجھي.


خداوند جي ملائڪ چيو تہ ’ميروز ڳوٺ تي لعنت هجي، هائو، ميروز جي رهاڪن تي بي‌شمار لعنت هجي.‘ انهيءَ سبب جو هنن خداوند جو ساٿ ڪين ڏنو، جڏهن هن زورآورن سان جنگ ٿي ڪئي.


هوڏانهن زبح ۽ ضلمنع پنهنجي لشڪرن سميت قرقور ۾ هئا. اوڀر جي ماڻهن جي لشڪرن مان رڳو اهي اٽڪل پندرهن هزار ماڻهو وڃي بچيا هئا، جڏهن تہ هڪ لک ويهہ هزار تلوارباز قتل ٿي ويا هئا.


تڏهن مديان جا ٻئي بادشاهہ زبح ۽ ضلمنع وٺي ڀڳا، پر هن پٺيان پئي کين پڪڙي ورتو ۽ سندن سڄي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيائين.


پوءِ جِدعون سڪات جي ماڻهن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”ڏسو، هي آهن اهي زبح ۽ ضلمنع، جن جي باري ۾ توهان مون تي ٺٺولي ڪري چيو هو تہ ’ڇا زبح ۽ ضلمنع تنهنجي قبضي ۾ اچي ويا آهن جو اسين تنهنجي ٿڪل لشڪر کي کاڌو ڏيون؟‘“


تڏهن ابيجيل تڪڙ ڪري ٻہ سؤ مانيون، ٻہ مئي جون سانداريون، پنج پڪل رڍون، پنج ماپا ڀُڳل اَناج جا، هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا ۽ ٻہ سؤ سڪل انجير جون ٽڪيون کڻي گڏهن تي رکرايون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ