سامريہ شهر ۾ بادشاهہ اخياب جي اولاد مان ستر ڄڻا رهندا هئا. ييهوءَ سامريہ جي اڳواڻن، يزرعيل شهر جي عملدارن ۽ جن اخياب جي اولاد مان انهن ستر ڄڻن کي پاليو ٿي تن ڏانهن خط لکي موڪليا. انهن ۾ لکيائين تہ
پر اوهان اڄ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي خلاف بغاوت ڪري، سندس ستر پٽن کي ساڳئي ئي پٿر تي ڪٺو آهي ۽ منهنجي پيءُ جي ويهاريل ٻانهيءَ جي پٽ ابيملڪ کي سڪم جو بادشاهہ ڪيو اٿوَ، رڳو انهيءَ ڪري جو هو اوهان جو مائٽ آهي.
پوءِ هو عفرہ ۾ پنهنجي پيءُ جي گھر ويو ۽ پنهنجي ماٽيلن ڀائرن يعني جِدعون جي ستر ئي پٽن کي هڪڙي ئي پٿر تي ڪٺائين. پر جِدعون جو سڀ کان ننڍو پٽ يوتام بچي ويو، ڇاڪاڻ تہ هن وڃي پاڻ کي لڪايو هو.