Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 8:21 - Muslim Sindhi Bible

21 تڏهن زبح ۽ ضلمنع جِدعون کي چيو تہ ”تون پاڻ اسان تي وار ڪر، ڇو تہ مرد ئي مرداڻو ڪم ڪندا آهن.“ تڏهن جِدعون اٿيو ۽ زبح ۽ ضلمنع کي قتل ڪري ڇڏيائين ۽ سندن اٺن جي ڳچين ۾ جيڪي نئين چنڊ جي شڪل جا پنڙا پيل هئا سي لاهي هٿ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تڏهن زبح ۽ ضلمنع چيو تہ تون اسان تي ڪاهي اچ: ڇالاءِ تہ جهڙو ماڻهو پاڻ آهي تهڙو سندس زور آهي. تڏهن جدعون اُٿيو ۽ زبح ۽ ضلمنع کي قتل ڪيائين، ۽ هنن جي اُٺن جي ڪنڌن تي جيڪي نئين چنڊ جي شڪل جا هار هئا سي هٿ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 8:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خدا! تون ماٺ نہ ڪر، اي خدا! تون خاموش نہ رهہ، هائو، چپ ڪري نہ ويهہ.


تون اسان جي دشمن اميرن کي عوريب ۽ زئيب سردارن جهڙو شڪست‌خوردہ ڪر. هائو، سندن سڀني حاڪمن کي زبح ۽ ضلمنع سردارن جهڙو ڪر،


جن سازش ڪئي هئي تہ هو اسان بني اسرائيل جي سرزمين کي پنهنجي قبضي ۾ آڻين، جيڪا تو خدا جي ڌڻ جي چراگاهہ مثل آهي.


بيشڪ اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن پروردگار يروشلم جي عورتن کان سينگار جي هر شيءِ کسي وٺندو، جنهن تي هو فخر ٿيون ڪن، يعني پازيبون، ٽِڪا ۽ هار،


تنهن کان پوءِ يشوع انهن بادشاهن کي قتل ڪرايو ۽ سندن لاش پنجن وڻن تي لٽڪائي ڇڏرايائين. اهي شام تائين انهن وڻن تي لٽڪيا پيا هئا.


انهن پنجن مهينن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا پر لهي نہ سگھندا، هو مرڻ چاهيندا پر موت کانئن پري ڀڄندو.


هنن چيس تہ ”اسين آيا آهيون تہ تو کي ٻڌي فلستين جي حوالي ڪريون.“ تڏهن سمسون کين چيو تہ ”مون سان قسم کڻو تہ اوهين پاڻ مون کي قتل نہ ڪندا.“


پوءِ هن پنهنجي وڏي پٽ يتر کي چيو تہ ”اُٿي هنن کي قتل ڪر.“ پر يتر ڊپ وچان پنهنجي تلوار نہ ڪڍي، ڇاڪاڻ تہ هو اڃا ننڍي عمر جو هو.


تنهن بعد بني اسرائيل جي ماڻهن جِدعون کي چيو تہ ”تون اسان تي حڪومت ڪر ۽ تو کان پوءِ تنهنجا پٽ ۽ پوٽا اسان تي حڪومت ڪن، ڇاڪاڻ تہ تو اسان کي مديانين جي هٿان ڇڏايو آهي.“


اهي سونيون واليون جيڪي هن گھريون هيون تن جو وزن اٽڪل ويهہ ڪلوگرام ٿيو، سواءِ انهن نئين چنڊ جي شڪل وارن پنڙن، ٻين زيورن ۽ واڱڻائي پوشاڪن جي، جيڪي مديانين جي بادشاهن کي پهريل هيون ۽ انهن زنجيرين جي جيڪي انهن جي اٺن جي ڳچيءَ ۾ پيل هيون.


تنهن تي هن جلدي پنهنجي هٿياربردار جوان کي سڏي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي مار، تہ جيئن منهنجي باري ۾ ائين چوڻ ۾ نہ اچي تہ ’هڪڙي عورت هن کي ماري وڌو.‘“ سو سندس هٿياربردار تلوار منجھس ٽُنبي ڏني ۽ هو مري ويو.


ويڙهہ سائول کي وڪوڙي ويئي، تيرانداز وڃي کيس پهتا ۽ کيس سخت زخمي ڪري وڌائون.


جڏهن سائول جي هٿياربردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي تلوار تي ڪري پيو ۽ ساڻس گڏ مري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ