Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 7:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تنهنڪري تون هاڻي ئي وڃي چٽيءَ طرح اعلان ڪر تہ ’جيڪو بہ ڊڄي ۽ ڏڪي رهيو هجي سو ڀلي جِلعاد جبل تان لهي پنهنجي گھر موٽي وڃي.‘“ سو انهن مان ٻاويهہ هزار ڄڻا موٽي ويا ۽ باقي ڏهہ هزار اتي وڃي بچيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تنهنڪري هاڻي وڃي قوم کي چٽيءَ طرح چئُہ تہ جيڪو ڊڄي ٿو، سو موٽي وڃي، ۽ جلعاد جبل کان هليو وڃي ۽ انهن ماڻهن مان ٻاويهہ هزار موٽي ويا، ۽ باقي ڏهہ هزار وڃي بچيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 7:3
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اهو پيغام انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنهنڪري جڏهن پيغام جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اهڙيءَ طرح جيڪي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا.“


عملدار ماڻهن کي هيئن بہ چون تہ ’جيڪو ماڻهو ڊڄڻو ۽ بي‌همت هجي، تہ اهو بہ پنهنجي گھر موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان سندس بني اسرائيل جا ڀائر بہ انهيءَ وانگر بي‌همت ٿي پون.‘


اهي گھيٽڙي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽڙو مٿن غالب پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي. هن جا وفادار جن کي هن سڏي چونڊيو آهي، سي ساڻس گڏ هوندا.“


پر جيڪي ڊڄڻا، ايمان کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت‌پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


هن منسي قبيلي جي ٻنهي حصن ڏانهن ۽ آشر، زبولون ۽ نفتالي قبيلن ڏانهن پڻ قاصد موڪليا ۽ اهي بہ نڪري اچي ساڻس گڏيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ