قاضين 7:2 - Muslim Sindhi Bible2 تڏهن خداوند جِدعون کي چيو تہ ”جيڪي ماڻهو تو سان گڏ آهن سي ايترا تہ گھڻا آهن جو آءٌ مديانين کي انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ نہ ٿو گھران. متان بني اسرائيل منهنجي اڳيان ٻٽاڪ هڻي چون تہ ’اسان پنهنجي طاقت سان پاڻ کي ڇڏايو آهي.‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible2 ۽ خداوند جدعون کي چيو تہ جيڪي ماڻهو تو ساڻ آهن، سي ايترا گهڻا آهن، جو آءٌ مديانين کي انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ نٿو گهران، تہ متان اسرائيلي منهنجي اڳيان ٻٽاڪ هڻي چون تہ اسان جي پنهنجي هٿ اسان کي بچايو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ آسا خداوند پنهنجي خدا کي پڪاريندي چيو تہ ”اي خداوند! تنهنجي اڳيان طاقتور ۽ ڪمزور جي وچ ۾ ڪو فرق ڪونهي. سوڀ ڏيڻ وارو تون ئي آهين. سو اي خداوند، اسان جا خدا! اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اسان جو ڀروسو تو تي آهي ۽ تنهنجو ئي نالو وٺي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي آيا آهيون. اي خداوند! تون ئي اسان جو خدا آهين. ائين نہ ٿئي جو اسين شڪست کائون، ڇاڪاڻ تہ اها شڪست تنهنجي ئي ٿيندي.“
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي، تڏهن ئي تو چيو آهي تہ ”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“ هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين، جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.