Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 7:15 - Muslim Sindhi Bible

15 جِدعون جڏهن اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌو تڏهن سجدي ۾ ڪري پيو. پوءِ هو موٽي بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ ۾ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اُٿو، خداوند مديانين جو خيمي‌گاهہ اوهان جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن جدعون اُهو خواب، ۽ انهي جو تعبير ٻڌو، تڏهن هن سجدو ڪيو؛ ۽ موٽي اسرائيل جي منزلگاهہ ۾ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ اُٿو: ڇالاءِ جو خداوند مديانين جو لشڪر اوهان جي هٿ ۾ ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 7:15
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مون جھڪي خداوند کي سجدو ڪيو ۽ خداوند، پنهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا جي تعريف ڪيم جيڪو مون کي سڌي رستي سان وٺي آيو، جو مون پنهنجي مالڪ جي پٽ جي لاءِ سندس ڀائٽي هٿ ڪئي.


هنن وراڻيس تہ ”اسان ٻنهي ڄڻن هڪ هڪ خواب لڌو آهي، جن جو تعبير ڪرڻ وارو هتي ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يوسف کين چيو تہ ”خوابن جي تعبير جو علم خدا جي طرفان آهي. مون کي پنهنجا خواب ٻڌايو.“


اُتي اسان ٻنهي ڄڻن ساڳيءَ ئي رات پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو. انهن خوابن جو تعبير ڌار ڌار هو.


اهود کين چيو تہ ”منهنجي پٺيان هليا اچو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي دشمن موآبين کي اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“ سو هو انهيءَ جي پٺيان لهي ويا ۽ وڃي اردن درياءَ جي گھيرن وٽ موآبين جا گھٽ جھليائون ۽ هڪڙي ماڻهوءَ کي بہ پار لنگھڻ نہ ڏنائون.


تڏهن دبورہ برق کي چيو تہ ”اُٿي وڃ، ڇاڪاڻ تہ اڄوڪي ڏينهن خداوند سيسرا کي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. ڏس، خداوند تنهنجي اڳيان هلندو.“ سو برق پنهنجي ڏهہ هزار ماڻهن سان تبور جبل تان لٿو.


جيڪي هو چون ٿا سو تون ٻُڌ. تنهن کان پوءِ حملي ڪرڻ لاءِ تو کي همت ٿيندي.“ جِدعون پنهنجي نوڪر فوراہ سان گڏجي دشمن فوج جي خيمي‌گاهہ جي آخري حصي ڏانهن ويو.


هن جي سنگتيءَ وراڻيو تہ ”پڪ سان اها بني اسرائيل جي انهيءَ شخص جِدعون ولد يوآس جي تلوار آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ ناهي. خدا مديانين ۽ سڄي خيمي‌گاهہ کي انهيءَ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“


هن پنهنجا ٽي سؤ ماڻهو ٽن ٽولين ۾ ورهايا. هن انهن سڀني جي هٿن ۾ نفيلون ۽ خالي دلا ڏنا. هر هڪ دلي ۾ هڪ مشعل هئي.


تڏهن جِدعون وراڻيو تہ ”چڱو ڀلا، جڏهن خداوند زبح ۽ ضلمنع کي منهنجي حوالي ڪندو، تڏهن آءٌ بيابان جي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن سان اوهان جو ماس چچريندس.“


تنهنڪري آءٌ هن کي خداوند جي لاءِ وقف ٿي ڪريان. هن کي سندس سڄي حياتيءَ لاءِ خداوند کي ٿي ڏيان.“ پوءِ هوءَ سموئيل کي اتي خداوند جي حضور ۾ ڇڏي هلي ويئي.


پهريدار سپاهين يونتن ۽ سندس هٿياربردار کي سڏي چيو تہ ”اسان وٽ چڙهي اچو تہ اوهان کي هڪڙي شيءِ ڏيکاريون.“ تڏهن يونتن پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هلندو اچ، ڇو تہ خداوند هنن کي بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ