قاضين 7:14 - Muslim Sindhi Bible14 هن جي سنگتيءَ وراڻيو تہ ”پڪ سان اها بني اسرائيل جي انهيءَ شخص جِدعون ولد يوآس جي تلوار آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ ناهي. خدا مديانين ۽ سڄي خيميگاهہ کي انهيءَ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 ۽ هن جي سنگتيءَ ورندي ڏئي چيو تہ اها هڪڙي اسرائيلي جدعون بن يوآس جي ترار آهي، ٻي ڪا شيءِ ناهي، انهن جي هٿن ۾ خدا مديانين ۽ سڄي لشڪر کي ڏئي ڇڏيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
امورين جا سڀ بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف رهندا هئا ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جيڪي ڀُونوِچ سمنڊ جي ويجھو رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند اردن درياءَ جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين هو لنگھي پار ٿيا، تڏهن هنن جون دليون گھٻرائجي ويون ۽ بني اسرائيل سان منهن ڏيڻ جي منجھن ڪا همت ڪانہ رهي.