Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 7:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جيڪي هو چون ٿا سو تون ٻُڌ. تنهن کان پوءِ حملي ڪرڻ لاءِ تو کي همت ٿيندي.“ جِدعون پنهنجي نوڪر فوراہ سان گڏجي دشمن فوج جي خيمي‌گاهہ جي آخري حصي ڏانهن ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ جيڪي هو چوندا سو تون ٻڌندين؛ ۽ تنهن کان پوءِ تنهنجا هٿ منزلگاهہ ۾ لهي وڃڻ لاءِ مضبوط ٿيندا. تڏهن هو پنهنجي ٻانهي فوراہ سان گڏجي منزلگاهہ ۾ لشڪر جي ٻاهرين پاسي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 7:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل ائين ٿئي جو جڏهن آءٌ انهن مان هڪڙيءَ کي چوان تہ ’مهرباني ڪري پنهنجو دلو لاهہ تہ آءٌ پاڻي پيئان،‘ تڏهن اها چوي تہ ’ڀلي پيءُ ۽ آءٌ تنهنجي اٺن کي بہ پاڻي پيئارينديس.‘ شل هوءَ اها ئي ڇوڪري هجي جنهن کي تو پنهنجي ٻانهي اسحاق جي لاءِ چونڊيو آهي. جيڪڏهن ائين ٿيو تہ آءٌ سمجھندس تہ تو منهنجي مالڪ تي مهرباني ڪئي آهي.“


پوءِ هنن ست ڏينهن خوشيءَ وچان بي‌خميري مانيءَ جي عيد ملهائي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اشور جي شهنشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي کين خوشي عطا ڪئي هئي. انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي تعمير واري ڪم ۾ شهنشاهہ هنن جي مدد ڪئي.


اهي سڀيئي ڄاڻي‌واڻي اسان کي ڊيڄارين پيا تہ جيئن اسين دل شڪستہ ٿي پئون ۽ اهو ڪم پورو نہ ٿي سگھي. پر مون دعا گھري تہ ”اي خدا! تون مون کي همت ڏي.“


پر خدا انهن ماڻهن کي بيابان منجھان ڳاڙهي سمنڊ ڏانهن وٺي آيو. بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان هٿيار ٻڌي نڪتا هئا.


دعا ٿو گھران تہ هو پنهنجي عظمت واري دولت موجب اوهان کي پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي طاقت عطا ڪري تہ اوهين پنهنجي اندر ۾ طاقتور ٿيو


انهيءَ کان علاوہ اوهين سڀ خداوند عيسيٰ ۾ سندس قدرت سان ڀرپور ٿي طاقتور ٿيو.


مطلب تہ خداوند عيسيٰ جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو تنهن ۾ آءٌ هر ڳالهہ کي منهن ڏيئي ٿو سگھان.


پر جيڪڏهن تون حملي ڪرڻ کان ڊڄين ٿو تہ پنهنجي نوڪر فُوراہ کي ساڻ ڪري هيٺ خيمي‌گاهہ ڏانهن وڃ.


پهريدار سپاهين يونتن ۽ سندس هٿياربردار کي سڏي چيو تہ ”اسان وٽ چڙهي اچو تہ اوهان کي هڪڙي شيءِ ڏيکاريون.“ تڏهن يونتن پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هلندو اچ، ڇو تہ خداوند هنن کي بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“


تڏهن سائول جو پٽ يونتن ٻيلي ۾ دائود وٽ آيو ۽ کيس خدا جي يقيني حفاظت بابت همتايائين.


تڏهن اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تن ٻنهي کان دائود پڇيو تہ ”سائول جي خيمي‌گاهہ ۾ مون سان گڏجي ڪير هلندو؟“ تنهن تي ابي‌شيءَ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ توهان سان گڏجي هلندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ