7 جڏهن بني اسرائيل مديانين جي ظلم ڪري خداوند کي پڪاريو،
7 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بني اسرائيل مديانين جي ڪري خداوند وٽ دانهون ڪيون.
تنهن هوندي بہ خدا جڏهن سندن دانهون ٻڌيون، تڏهن سندن مصيبتن تي پنهنجي ڪرم جي نظر ڪيائين.
پوءِ جڏهن بني اسرائيل خداوند کي پڪاريو، تڏهن هن هڪڙو ڇڏائيندڙ بني اسرائيل لاءِ اٿاريو، جنهن کين ڇڏايو. اهو ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جو پٽ غتنيايل هو.
سو مديانين بني اسرائيل کي اهڙو تہ بدحال بڻائي ڇڏيو جو هو خداوند کي مدد لاءِ پڪارڻ لڳا.
تڏهن هن بني اسرائيل وٽ هڪڙو نبي موڪليو. انهيءَ نبيءَ کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون اوهان کي غلاميءَ واري ملڪ مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو.
پوءِ اهي خداوند کي پڪاري چوڻ لڳا تہ ’بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، جو تو خداوند کي ڇڏي بعليم ۽ عستارات ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿئون. پر هاڻي تون اسان کي اسان جي دشمنن جي هٿان ڇڏاءِ تہ اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون.‘