قاضين 6:4 - Muslim Sindhi Bible4 هو انهن جي سامهون خيما کوڙيندا هئا ۽ غزا تائين سندن فصل تباهہ ڪري ڇڏيندا هئا. هو سندن سمورا جاندار يعني رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا ۽ گڏهہ ڪاهي هليا ويندا هئا ۽ بني اسرائيل جي گذران لاءِ ڪابہ شيءِ نہ ڇڏيندا هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 ۽ هنن جي سامهون منزل ڪري زمين جي پيدائش، جيڪا غزہ جي حد تائين هوندي هئي، سا چٽ ڪندا هئا، ۽ اسرائيل ۾ ڪابہ کاڌي جي شيءِ نہ ڇڏيندا هئا، نڪي رڍون، نڪي ڍڳا، نڪي گڏهہ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“
جڏهن بہ ڪي ڌاڙيل يا رات جو ڪي چور ڪنهن گھر ۾ گھڙي اچن، تہ اهي رڳو اوترو ئي کڻي ويندا جيترو کين هٿ اچي سگھي، يا جڏهن انگورن جو چونڊو ڪندڙ باغ مان چونڊو ڪري وڃن تہ ٿي سگھي ٿو تہ ڪجھہ ڇڳا ول ۾ رهجي وڃن. پر اي ادوم جي قوم! تنهنجا دشمن تو سان ائين سلوڪ نہ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي تو کي پوريءَ طرح نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندا.