Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 6:39 - Muslim Sindhi Bible

39 تڏهن جِدعون خدا کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون مون تي ناراض نہ ٿئين، تہ آءٌ هڪڙو دفعو وري عرض ڪرڻ چاهيان ٿو. مهرباني ڪري هڪڙو دفعو وري بہ مون کي هن اُنَ سان آزمائش وٺڻ ڏي. هن دفعي اُنَ سڪل رهي ۽ باقي آس‌پاس واري سڄي زمين تي ماڪ پوي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 تڏهن جدعون خدا کي چيو تہ تنهنجي ڪاوڙ مون تي نہ ڀڙڪي، جو آءٌ فقط هڪڙو ڀيرو وڌيڪ ڳالهائيندس: آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ هڪڙو ڀيرو وري بہ مون کي هن پوستين سان آزمائش وٺڻ ڏي؛ هاڻي هيءَ پوستين سڪل رهي، ۽ باقي سڀ زمين تي ماڪ پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 6:39
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراهيم چيو تہ ”اي مالڪ! جيڪڏهن تون ڪاوڙ نہ ڪرين تہ آءٌ چوان تہ جي اتي ٽيهہ ڄڻا ملن؟“ هن چيو تہ ”جيڪڏهن ٽيهہ ڄڻا ڏسندس تہ بہ ائين نہ ڪندس.“


ابراهيم چيو تہ ”اي مالڪ! جيڪڏهن ڪاوڙجين نہ تہ آءٌ هڪڙو ڀيرو وري بہ ڳالهايان. شايد اتي رڳو ڏهہ لڀن؟“ هن چيو تہ ”آءٌ انهيءَ کي برباد نہ ڪندس جيڪڏهن اتي ڏهہ ڄڻا ئي لڀن.“


جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻ‌پٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهي اوهان تان هٽي ويندي ۽ انهيءَ نئين چونڊيل قوم مٿان اچي ڇانوَ ڪندي جيڪا پاڻ ۾ انهيءَ جو حقيقي ڦل پيدا ڪندي.


پر جيڪي انهيءَ بادشاهيءَ جا وارث آهن تن کي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلايو ويندو، جتي هو روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.“


پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ خدا جو اهو پيغام پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،


پوءِ خداوند عيسيٰ مون کي چيو تہ ’هتان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي غير قومن ڏانهن پري پري موڪليندس.‘“


پولس آخر ۾ چين تہ ”سو اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خدا جو ڇوٽڪاري وارو اهو پيغام غير قومن ڏانهن موڪليو ويو آهي، جيڪو اهي ٻڌندا بہ.“


بلڪل ائين ئي ٿيو. جِدعون جڏهن صبح جو سوير اٿيو ۽ اُنَ کي نچوڙي ماڪ ڪڍيائين تہ پيالو پاڻيءَ سان ڀرجي ويو.


سو خدا انهيءَ رات ائين ئي ڪيو. صبح جو رڳو اُنَ سڪل هئي، باقي آس‌پاس واري سڄي زمين ماڪ سان آلي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ