Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 6:37 - Muslim Sindhi Bible

37 تہ پوءِ عرض آهي تہ آءٌ ڳاهہ جي پِڙ تي رڍن واري اُنَ وجھان ٿو. صبح جو جيڪڏهن ماڪ رڳو انهيءَ اُنَ تي هوندي ۽ باقي آس‌پاس واري سڄي زمين سڪل هوندي تہ پوءِ مون کي پڪ ٿيندي تہ تون پنهنجي قول مطابق بني اسرائيل کي منهنجي هٿان ڇڏائيندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 تہ ڏس، آءٌ هڪڙي پشمي پوستين اَن ڳاهڻ واري ٻار تي ٿو وجهان؛ جيڪڏهن ماڪ رڳو پوستين تي هوندي، ۽ باقي آس پاس واري زمين سڀ سڪل هوندي، تہ مون کي پڪ ٿيندي تہ تون اسرائيل کي منهنجي هٿان بچائيندين، جيئن تو فرمايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 6:37
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل ائين ٿئي جو جڏهن آءٌ انهن مان هڪڙيءَ کي چوان تہ ’مهرباني ڪري پنهنجو دلو لاهہ تہ آءٌ پاڻي پيئان،‘ تڏهن اها چوي تہ ’ڀلي پيءُ ۽ آءٌ تنهنجي اٺن کي بہ پاڻي پيئارينديس.‘ شل هوءَ اها ئي ڇوڪري هجي جنهن کي تو پنهنجي ٻانهي اسحاق جي لاءِ چونڊيو آهي. جيڪڏهن ائين ٿيو تہ آءٌ سمجھندس تہ تو منهنجي مالڪ تي مهرباني ڪئي آهي.“


جيئن فصل تي برسات پوندي آهي، يا جيئن وسڪارو زمين کي ڀِڄائي ٿو، تيئن شل بادشاهہ برڪت بڻجي.


سو جيئن ڪنهن ويران زمين تي برسات وسي، تيئن ئي آءٌ اسرائيل وارن تي رحم ڪندس. پوءِ هو سوسن جي ٻوٽي جيان گھڻا گل جھليندا، اهي اهڙيون مضبوط پاڙون هڻندا، جيئن لبنان جو ديال پاڙون هڻي ٿو.


تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي گمراهہ ٿيل رڍن لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان.“


جهڙيءَ طرح ڪچن ٻوٽن تي وسڪارو ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تعليم برسات وانگر پيئي وسندي. هائو، جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي ڦُڙڦُڙ پوندي آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تقرير ماڪ جيان پيئي پوندي.


پوءِ جِدعون وراڻيس تہ ”هاڻ جيڪڏهن مون تي تنهنجي مهربانيءَ جي نظر ٿي آهي تہ مون کي نشاني ڏي تہ تون خداوند ئي آهين جيڪو مون سان ڳالهائين ٿو.


تڏهن جِدعون خدا کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون پنهنجي قول مطابق بني اسرائيل کي منهنجي هٿان ڇڏائڻ ٿو گھرين،


بلڪل ائين ئي ٿيو. جِدعون جڏهن صبح جو سوير اٿيو ۽ اُنَ کي نچوڙي ماڪ ڪڍيائين تہ پيالو پاڻيءَ سان ڀرجي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ