Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 6:34 - Muslim Sindhi Bible

34 خداوند جو روح جِدعون تي نازل ٿيو ۽ هن نفيل وڄائي ابيعزر وارن ماڻهن کي پنهنجي پٺيان وٺي هلڻ لاءِ سڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ خداوند جو روح جدعون تي نازل ٿيو؛ ۽ هن قرناءِ وڄائي؛ ۽ ابيعزر وارا ماڻهو سندس پٺيان اچي گڏ ٿيا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 6:34
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عماسي جيڪو بعد ۾ ”ٽيهن جو ٽولو“ جو سالار ٿيو، تنهن تي خدا جو روح نازل ٿيو ۽ هو چوڻ لڳو تہ ”اي دائود! اسين تنهنجا آهيون، اي يسيءَ جا پٽ! اسين تنهنجي پاسي آهيون. تو تي ۽ تنهنجي مددگارن تي سلامتي هجي، ڇاڪاڻ تہ خدا تنهنجو مددگار آهي.“ تڏهن دائود انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي فوج ۾ کين سالار بڻايائين.


جڏهن دائود فلستين سان گڏجي بادشاهہ سائول سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، تڏهن منسيءَ قبيلي جا ڪجھہ سپاهي پڻ دائود جي طرف هليا ويا. حقيقت ۾ دائود ۽ سندس ساٿين فلستين کي ڪابہ مدد ڪانہ ڏني، ڇو تہ فلستين جي سردارن صلاح مشوري کان پوءِ دائود کي موٽائي ڇڏيو هو. هنن سوچيو تہ ”جيڪڏهن هو وڃي پنهنجي مالڪ سائول سان شامل ٿيو تہ پوءِ اسان جي سِرن کي خطرو آهي.“


تڏهن خداوند جو روح زڪرياہ ولد يهويدع ڪاهن تي نازل ٿيو ۽ هو ماڻهن جي اڳيان مٿاهين جاءِ تي بيهي کين چوڻ لڳو تہ ”خداوند ٿو فرمائي تہ ’اوهين مون خداوند جي حڪم جي نافرماني ڇو ٿا ڪريو؟ ڇو اوهين پاڻ کي مصيبت ۾ ٿا وجھو؟ جيئن تہ اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري مون بہ اوهان کي ڇڏي ڏنو.‘“


تون مون کي پنهنجي حضور مان لوڌي نہ ڪڍ، ۽ مون کان پنهنجو پاڪ روح پري نہ ڪر.


جڏهن اهي ٻيئي وڄايا وڃن تڏهن سڄي قوم مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو تو وٽ اچي گڏ ٿئي.


اٽلندو خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪي ڇڏيو ۽ جسماني خواهشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.


اوهان سڀني مسيح جا ٿيڻ جي بپتسما وٺي مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو آهي.


تنهنڪري اهو اردن جو اولهہ وارو ورثو بني منسيءَ مان باقي بچيل گھراڻن جو هو، يعني بني ابيعزر، بني خلق، بني اسري‌ايل، بني سڪم، بني حفر ۽ بني سميدع جو. اهي يوسف جي پٽ منسيءَ جو نرينہ اولاد هئا جيڪي پنهنجي گھراڻن جا وڏا هئا.


جڏهن هو دان جي خيمي‌گاهہ ۾ هو، جيڪو صرعہ ۽ استال جي وچ ۾ آهي، تڏهن خداوند جي روح هن کي بيدار ڪرڻ شروع ڪيو.


تڏهن خداوند جو روح هن تي طاقت ساڻ نازل ٿيو. هو اسقلون شهر ڏانهن ويو، اتي ٽيهہ ماڻهو ماري انهن جو مال ڦريائين ۽ جن ڳجھارت ڀڳي هئي تن کي اهي ڪپڙن جا وڳا ڏنائين. بعد ۾ ڪاوڙ ۾ باهہ ٿي هو پنهنجي گھر موٽي ويو.


جڏهن هو لحيءَ جي هنڌ وٽ اچي پهتو تڏهن فلستي رڙيون ڪندي مٿس چڙهي آيا. تڏهن خداوند جو روح هن تي زور ساڻ نازل ٿيو ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن ۽ هٿن جي چوڌاري ٻڌل هئا تن کي هن ٽوڙي ڇڏيو، ڄڻ تہ اُهي سڙيل سڻيءَ مان ٺهيل هئا.


خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو ۽ هو بني اسرائيل جو رهبر ٿيو. تڏهن غتني‌ايل جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ خداوند کيس بادشاهہ ڪوشن رسعتيم تي فتح ڏني.


جڏهن هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آيو تڏهن هن جنگ لاءِ نفيل وڄائي بني اسرائيل کي سڏيو. پوءِ بني اسرائيل اهود جي اڳواڻيءَ ۾ جابلو علائقي مان لهي هيٺ آيا.


هڪڙي ڏينهن خداوند جو ملائڪ عفرہ ڳوٺ ۾ آيو ۽ يوآس ابيعزريءَ واري شاهہ‌بلوط وڻ هيٺ ويهي رهيو. اتي يوآس جو پٽ جِدعون انهيءَ وقت انگورن جي چيچڙي ۾ مديانين کان لڪي ڪڻڪ پئي ڳاهي.


تڏهن هن کين چيو تہ ”اوهان ايڏا تہ وڏا ڪم ڪيا آهن جو انهن جي ڀيٽ ۾ مون ڪجھہ بہ نہ ڪيو آهي. اوهان جي قبيلي افرائيم جا عمل اهڙا تہ اعليٰ آهن جو ڄڻ اوهان جي انگورن جي هڪڙيءَ ول جا داڻا منهنجي گھراڻي ابيعزر جي انگورن جي سڄي فصل کان بهتر آهن.


تڏهن خداوند جو روح تو تي ايترو تہ زور سان نازل ٿيندو جو تون بہ هنن سان گڏ اڳڪٿيون ڪرڻ لڳندين ۽ تو ۾ وڏي تبديلي اچي ويندي.


اهي ڳالهيون ٻڌندي ئي سائول تي خدا جو روح ايترو تہ زور سان نازل ٿيو جو سائول ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويو.


يونتن جِبع شهر ۾ فلستين جي پهريدارن تي حملو ڪري کين ماري ڇڏيو ۽ فلستين کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي. تڏهن سائول سڄي ملڪ ۾ اعلانِ جنگ لاءِ نفيلون وڄرائيون تہ جيئن ڀلي سڀيئي عبراني ٻڌي جنگ لاءِ تيار ٿين.


هيڏانهن وري خداوند جو روح سائول کي ڇڏي ويو ۽ خداوند جي طرفان موڪليل هڪڙو ستائيندڙ روح اچي کيس ستائڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ