Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 6:32 - Muslim Sindhi Bible

32 سو انهيءَ ڏينهن جِدعون جو نالو يربعل پئجي ويو، ڇو تہ يوآس چيو هو تہ ”جنهن بعل جي قربان‌گاهہ ڊاٺي آهي، تنهن سان بعل پاڻ پڄي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 تنهنڪري انهيءَ ڏينهن هن انهيءَ جو نالو يروبعل رکيو، ۽ چيائين تہ جنهن بعل جي قربانگاهہ ڊاهي آهي، تنهن سان هو پاڻ پڄي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 6:32
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جِدعون جو پٽ ابيملڪ بہ تہ ائين ئي مري ويو هو جو هڪڙيءَ عورت تيض شهر جي ڀت تان جنڊ جو پُڙ مٿس اڇلايو هو ۽ هو اتي ئي مري ويو هو. پوءِ ڇو اوهين ڀت کي ايترو ويجھو ويا؟‘ تڏهن تون ٻڌائجانس تہ ’توهان جو نوڪر اورياہ حتي بہ مارجي ويو آهي.‘“


يهوداہ ۾ ايترا تہ معبود آهن جيترا سندن ڳوٺ آهن ۽ جيتريون يروشلم ۾ گھٽيون آهن اوتريون ئي اوهان انهيءَ ڪراهت جهڙي شيءِ بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺاهيون آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.


يوآس پنهنجي خلاف چوڌاري بيٺل ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا اوهين بعل ديوتا جي طرفداري ٿا ڪريو؟ ڇا اوهين کيس بچائڻ ٿا گھرو؟ جيڪو بہ انهيءَ جي طرفداري ڪندو سو صبح ٿيڻ کان اڳ ئي ماريو ويندو. جيڪڏهن بعل واقعي خدا آهي تہ پوءِ هو پاڻ پنهنجي طرفان وڙهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا قربان‌گاهہ ڊاهي ويئي آهي سا سندس ئي آهي.“


هڪڙي ڏينهن جِدعون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي ساڻس گڏ هئا سي سڀ صبح جو سوير اٿيا ۽ حرود چشمي جي ڀرسان وڃي پنهنجا خيما کوڙيائون. مديانين جي خيمي‌گاهہ هنن جي اتر طرف مورہ ٽڪريءَ جي ڀرسان ماٿريءَ ۾ هئي.


جِدعون جيڪي بني اسرائيل سان ڀلايون ڪيون هيون تن لاءِ هو نڪي وري سندس گھراڻي جا شڪرگذار ئي رهيا.


تڏهن خداوند جِدعون، برق، افتاح ۽ آخر ۾ مون سموئيل کي موڪليو. اسان مان هر ڪنهن اوهان کي اوهان جي دشمنن، جيڪي اوهان جي چوڌاري هئا، تن جي هٿان ڇڏايو ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ