Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 6:28 - Muslim Sindhi Bible

28 صبح جو سوير جڏهن شهر جا ماڻهو اٿيا تڏهن ڇا ڏٺائون تہ بعل ديوتا جي قربان‌گاهہ ڊٺي پيئي آهي ۽ ان جي پاسي وارو يسيرہ مورتيءَ جو ٿنڀو وڍيو ويو آهي ۽ هڪڙي نئين ٺهيل قربان‌گاهہ تي ڏاند قرباني ٿيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ جڏهن صبح جو سوير شهر جا ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ بعل جي قربانگاهہ ڀڳي پيئي آهي، ۽ ان جي پاسي واري يسيرت وڍي پيئي آهي، ۽ جيڪا نئين قربانگاهہ جڙيل آهي، تنهن تي ٻيو ڍڳو قرباني ٿيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 6:28
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرائي ڇڏيا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان کوڙيل بت يسيرہ ديويءَ وارن بتن سميت ڪيرائي ۽ ڀڃرائي ڇڏيائين. هن موسيٰ جي ٺاهيل انهيءَ پيتلي نانگ کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن کي نحشتان سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت تائين بني اسرائيل انهيءَ آڏو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.


سو جِدعون پنهنجي نوڪرن مان ڏهہ ڄڻا وٺي ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هئس. پر جيئن تہ هو پنهنجي ڪٽنب ۽ شهر جي ماڻهن کان ڏينهن ڏٺي جو ائين ڪرڻ کان ڊنو ٿي، تنهنڪري رات جو ائين ڪيائين.


تڏهن هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪم ڪنهن ڪيو آهي؟“ جاچ ڪرڻ کان پوءِ کين معلوم ٿيو تہ هي ڪم يوآس جي پٽ جِدعون ڪيو آهي.


تڏهن سموئيل هڪڙو کير پياڪ گھيٽو وٺي اهو سڄو سارو بني اسرائيل جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪيو ۽ بني اسرائيل جي لاءِ دعا گھريائين. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ