Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 6:20 - Muslim Sindhi Bible

20 خدا جي ملائڪ کيس چيو تہ ”اهي بي‌خميري مانيون ۽ گوشت کڻي هن ٽڪريءَ تي رک ۽ شوروو انهن جي مٿان پئٽي ڇڏ.“ سو جِدعون ائين ئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ خدا جي فرشتي هن کي چيو تہ اهو گوشت ۽ اهي فطيري مانيون کڻي هن ٽڪر تي رک، ۽ اهو شوروو بہ انهيءَ تي هاري وجهہ: ۽ هن ائين ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 6:20
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائين تہ ”سائين، جيڪڏهن مهربانيءَ جي نظر ڪئي اٿوَ تہ هاڻي پنهنجي ٻانهي وٽان هليا نہ وڃجو. جيئن تہ اوهين پنهنجي ٻانهي وٽ آيا آهيو سو مون کي خدمت ڪرڻ ڏيو.


تڏهن منوحہ خداوند جي ملائڪ کي چيو تہ ”مهرباني ڪري تون ڪجھہ دير اسان وٽ ترس تہ آءٌ تنهنجي لاءِ هڪڙو ڇيلو تيار ڪري وٺان.“


خداوند جي ملائڪ منوحہ کي وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تون مون کي ترسائيندين بہ، تڏهن بہ آءٌ تنهنجو کاڌو ڪين کائيندس. پر جيڪڏهن تون اهو تيار ڪرڻ گھرين ٿو تہ پوءِ اهو خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪر.“ منوحہ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ هو ڪو خداوند جو ملائڪ آهي.


پوءِ منوحہ هڪ ڇيلو اناج جي قربانيءَ سميت خداوند جي لاءِ ٽڪر تي قرباني ڪيو. تڏهن هڪ عجب جهڙو ڪم ٿيو جڏهن تہ منوحہ ۽ سندس زال ٻئي نهاريندا رهيا.


تڏهن جِدعون گھر ويو ۽ هڪڙو ڇيلو ڪُهي تيار ڪيائين ۽ ڏهہ ڪلوگرام اٽي مان بي‌خميري مانيون پچايائين. اهو گوشت هن هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ وڌو ۽ شوروو هڪڙي ٿانوَ ۾ وڌائين. پوءِ هن اهي آڻي شاهہ‌بلوط وڻ هيٺ خداوند جي ملائڪ جي اڳيان پيش ڪيا.


تڏهن خداوند جي ملائڪ انهيءَ لٺ جي چهنب سان جيڪا سندس هٿ ۾ هئي، گوشت ۽ بي‌خميري مانين کي ڇهيو. تڏهن ٽڪر مان باهہ ڀڙڪو کائي نڪتي ۽ انهيءَ گوشت ۽ بي‌خميري مانين کي ساڙي ڇڏيائين. پوءِ خداوند جو ملائڪ غائب ٿي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ