Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 6:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ جِدعون وراڻيس تہ ”هاڻ جيڪڏهن مون تي تنهنجي مهربانيءَ جي نظر ٿي آهي تہ مون کي نشاني ڏي تہ تون خداوند ئي آهين جيڪو مون سان ڳالهائين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ هن انهي کي چيو تہ جيڪڏهن هاڻي تنهنجي نظر ۾ مون کي مان مليو آهي، تہ مون کي ڪا اهڙي نشاني ڏيکار، جنهن مان مون کي خبر پوي تہ اهو تون آهين جو مون سان ڳالهائين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 6:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ لاءِ هيءَ نشاني هوندي تہ هيءَ قربان‌گاهہ ڦاٽي پوندي ۽ جيڪا رک انهيءَ تي آهي سا هارجي ويندي.“


اي خداوند! تون مون کي پنهنجي ڪرم جي نشاني ڏيکار، تان‌تہ مون کان نفرت ڪرڻ وارا اهو ڏسي خوار خراب ٿين، هائو، جڏهن تون منهنجي مدد ڪندين ۽ مون کي آٿت ڏيندين.


سو منهنجو عرض آهي تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ هاڻي مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار، تہ جيئن آءٌ تنهنجي خدمت ڪندو رهان ۽ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هميشہ رهي. اهو خيال پڻ رک تہ هيءَ قوم تنهنجي ئي آهي.“


هن ڪري جو پوءِ اها خبر ڪيئن پوندي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ۽ تنهنجي قوم تي آهي؟ اها خبر انهيءَ ڳالهہ مان ئي پوندي جو تون اسان سان گڏ هلندو رهين، تہ جيئن آءٌ ۽ تنهنجي قوم سڄيءَ دنيا جي قومن کان ڌار ليکجون.“


”مون خداوند پنهنجي خدا کان منهنجي واعدي جي سچائيءَ جي ڪا نشاني گھُر، پوءِ اها هيٺ پاتال ۾ هجي يا مٿي عرش عظيم تي.“


مهرباني ڪري تيستائين هتي ئي ترس جيستائين آءٌ موٽي اچان ۽ پنهنجو نذرانو آڻي تنهنجي اڳيان نہ رکان.“ خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”جيستائين تون موٽي نہ ايندين تيستائين آءٌ هتي ئي ترسندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ