Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 5:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اي خداوند! جڏهن تون ادوم جي جبلن کان هلي اڳتي وڌئين، تڏهن ڌرتي لرزي ويئي ۽ آسمان پڻ اٿلي پيو هو، هائو، تڏهن ڪڪرن بہ ڏاڍو پاڻي وسايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 اي خداوند، جڏهن تون شعير مان نڪري هلين، جڏهن تون ادوم جي ميدان مان ڪوچ ڪري نڪتين، تڏهن زمين ڌڏي ويئي، ۽ آسمان بہ ٽمڻ لڳو، هائو ڪڪر پاڻي وسائڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 5:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کين هدايت ڪري چيو تہ ”منهنجي آقا عيسوءَ کي هيئن وڃي چئو تہ ’آءٌ توهان جو ٻانهو يعقوب هيلتائين لابن وٽ رهيل هئس.


پوءِ ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، جبلن جي بنيادن ۾ پڻ جنبش اچي ويئي، هائو، جڏهن خداوند ڪاوڙيو تہ اهي بہ لرزڻ لڳا.


هو ڌرتيءَ کي سندس بنياد کان لوڏيو ڇڏي، ۽ ان جا ٿنڀا بہ ڏڪڻ ٿا لڳن.


تو پنهنجي ميراث واري ملڪ ۾ جھجھو مينهن وسايو هو. جڏهن ملڪ ٺوٺ ٿي رهيو هو، تڏهن تو انهيءَ کي تازگي بخشي هئي.


ڪڪرن ڏاڍو مينهن وسايو آهي، ۽ آسمان مان گجگوڙ ٿيا آهن. تنهنجي وڄ تيرن جيان چئني طرفن ڏانهن هلي آهي.


تنهنجي گجگوڙ جو آواز واچوڙي منجھہ ٿيو آهي. وڄ جهان کي روشن ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڌرتي ڌڏي ۽ ڪنبي ويئي آهي.


تون اسان سان اهڙي هلت ٿو ڪرين، ڄڻڪ تون ڪڏهن بہ اسان جو حاڪم نہ رهيو آهين، ۽ ڄڻڪ اسين ڪڏهن بہ تنهنجي قوم نہ رهيا آهيون.


پوءِ سندس پيرن جي بار ڪري جبل ائين رجي ويندا، جيئن باهہ ۾ ميڻ رجيو وڃي. جبلن جي رجڻ سان ائين گھارا بڻجي ويندا، جيئن جبلن تان پاڻيءَ جي وهڻ ڪري بڻبا آهن.


هن چيو تہ ”خداوند سينا جبل کان پنهنجي قوم سان اچي گڏيو، هائو، هو ادوم جي علائقي مان انهن تي سج جيان اڀريو، ۽ فاران جبل مان اچي اتي چمڪيو. ساڻس گڏ هزارين ملائڪ هئا، سندس ساڄي هٿ کان باهہ جي شعلي جيان وڄ ٿي نڪتي.


انهيءَ هستيءَ جڏهن سينا جبل تان ڳالهايو هو تہ زمين لڏي ويئي هئي. پر هاڻي هن فرمايو آهي تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ آءٌ نہ رڳو زمين کي، بلڪ آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ