29 تڏهن سندس ڏاهين عورتن کيس هيءَ ورندي ڏني، بلڪ هن پاڻ بہ اهو ئي سوچيو تہ
29 سندس ڏاهيءَ زال ورندي ڏنيس، بلڪ هن پاڻهي پاڻ کي ورندي ڏيئي چيو،
سو اڄ فارس ۽ مادئي ملڪن جي جن اميرن جي زالن راڻيءَ جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي، سي اوهان جي اميرن کي بہ ائين ئي چونديون. انهيءَ ڪري زالن ۾ گھڻي حقارت ۽ مڙسن ۾ ڪاوڙ شروع ٿي ويندي.
سيسرا جي ماءُ پنهنجي محل جي ڄاريءَ واري دريءَ مان ڏسندي پڪاري هيئن چيو تہ ’ڇو سيسرا جي جنگي گھوڙي گاڏين جو اڃا آواز ٻڌڻ ۾ نہ ٿو اچي؟ ڇو سندس گھوڙي گاڏين اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؟‘
’پڪ هو مالِغنيمت قبضي ڪري پاڻ ۾ ورهائيندا هوندا، هر مرد کي هڪ هڪ، بلڪ ٻہ ٻہ جوان ڇوڪريون مليون هونديون. سيسرا کي رنگ برنگي ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙا مليا هوندا، هائو، منهنجي پائڻ لاءِ عمدا ڀرت ڀريل رنگين وڳا.‘