Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 5:28 - Muslim Sindhi Bible

28 سيسرا جي ماءُ پنهنجي محل جي ڄاريءَ واري دريءَ مان ڏسندي پڪاري هيئن چيو تہ ’ڇو سيسرا جي جنگي گھوڙي گاڏين جو اڃا آواز ٻڌڻ ۾ نہ ٿو اچي؟ ڇو سندس گھوڙي گاڏين اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 دريءَ منجهان هن ٻاهر نهاريو ۽ دانهن ڪيائين، سيسرا جي ماءُ ڳڙکيءَ مان دانهن ڪري چيو تہ ڇو هن جي گاڏي اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؟ ڇو هن جي گاڏيءَ جا ڦيٿا بيهي رهيا آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 5:28
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اخزياہ جيڪو پنهنجي پيءُ اخي‌اب جي وفات کان پوءِ بادشاهہ ٿيو، سو سامريہ شهر ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي ڄاريدار پلويڙي تان هيٺ ڪري پيو ۽ سخت زخمي ٿي پيو. سو هن ڪن قاصدن کي موڪليو تہ وڃي فلستين جي شهر عقرون ۾ معبود بعل‌زبوب کان پڇي اچن تہ ”آءٌ وري چڱو ڀلو ٿيندس يا نہ؟“


هڪڙي دفعي جڏهن آءٌ پنهنجي گھر جي ڄاريءَ واري دريءَ مان ٻاهر نهاري رهيو هئس،


منهنجو محبوب هرڻ جهڙو آهي، هائو، هو جوان ڄانگھي جهڙو آهي. ڏسو، هو اسان جي ڀت پٺيان بيٺو آهي. هو درين مان جھاتيون ٿو پائي، ۽ ڳڙکين مان پاڻ ٿو ڏيکاري.


اي منهنجا محبوب! مون ڏانهن هرڻ وانگر جلدي ڊوڙي اچ، هائو، انهيءَ جوان هرڻ وانگر، جيڪو انهن جبلن تي گھمڻ پسند ٿو ڪري جتي خوشبودار مصالحا ٿا پوکجن.


تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. هو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينهن پوڻ تائين صبر ٿو ڪري.


برق جي حملي سان خداوند سيسرا، سندس سڀني جنگي گھوڙي گاڏين ۽ سڄي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيو. سيسرا پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏيءَ تان لهي پيرين پيادو وٺي ڀڳو.


تڏهن سيسرا جھڪندي اچي سندس پيرن ۾ ڪريو، هائو، سندس پيرن ۾ هو اونڌو ٿي پئجي رهيو. جتي هو جھڪي ڪريو هو اتي ئي مري چٽ ٿي ويو.


تڏهن سندس ڏاهين عورتن کيس هيءَ ورندي ڏني، بلڪ هن پاڻ بہ اهو ئي سوچيو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ