Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 5:14 - Muslim Sindhi Bible

14 بنيامين قبيلي وارن کان پوءِ افرائيم قبيلي وارا بہ لهي آيا، بلڪ مڪير ولد منسي گھراڻي جا سردار، ۽ زبولون جا سالار پڻ هيٺ لهي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 افرائيم مان اُهي نڪري لهي آيا، جن جي پاڙ عماليق ۾ آهي؛ توکان پوءِ اي بنيمين، تنهنجن ماڻهن منجهہ؛ مڪير مان حاڪم لهي آيا، ۽ زبولون مان اُهي آيا جي سپهہ سالارن جي لٺ ٿا کڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 5:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يعقوب انهيءَ علائقي ۾ رهيو پيو هو تڏهن هڪ ڏينهن روبن پنهنجي پيءُ يعقوب جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو ۽ يعقوب کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.


يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا جن مان لياہ مان هئس: روبن، جيڪو يعقوب جو وڏو پٽ هو، شمعون، لاوي، يهوداہ، اِسڪار ۽ زبولون.


راخل مان يوسف ۽ بنيامين هئس.


بنيامين قبيلو جيڪو سڀني کان ننڍو آهي، سو انهن سڀني جي اڳواڻي ڪري ٿو. پوءِ يهوداہ جا اڳواڻ پنهنجي انبوہ سان، ۽ پوءِ زبولون ۽ نفتاليءَ جا اڳواڻ پڻ.


جِبعت ۾ جنگ جون نفيلون وڄايو، ۽ رامہ ۾ پڻ توتارا وڄايو، بيت‌ايل ۾ هيئن اعلان ڪريو تہ ”اي بنيامين وارؤ! اوهين خبردار ٿيو.“


پوءِ هن وفات ڪئي ۽ کيس عماليقين جي جابلو علائقي ۾ افرائيم جي فرعاتون شهر ۾ دفن ڪيو ويو.


عمون ۽ عماليق قبيلن کي عجلون پاڻ سان ملايو ۽ پوءِ انهن وڃي بني اسرائيل کي شڪست ڏني ۽ کجين واري شهر يريحو تي قبضو ڪيائون.


جڏهن هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آيو تڏهن هن جنگ لاءِ نفيل وڄائي بني اسرائيل کي سڏيو. پوءِ بني اسرائيل اهود جي اڳواڻيءَ ۾ جابلو علائقي مان لهي هيٺ آيا.


پوءِ برق زبولون ۽ نفتالي قبيلن کي گھرائي قادس شهر ۾ گڏ ڪيو ۽ ڏهہ هزار ماڻهو سندس پٺيان ٿي هليا. دبورہ بہ ساڻس گڏ ويئي.


تڏهن دبورہ برق کي چيو تہ ”اُٿي وڃ، ڇاڪاڻ تہ اڄوڪي ڏينهن خداوند سيسرا کي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. ڏس، خداوند تنهنجي اڳيان هلندو.“ سو برق پنهنجي ڏهہ هزار ماڻهن سان تبور جبل تان لٿو.


ان وقت جيڪي باقي بچيل عام ماڻهو هئا، سي بہ لشڪر جي سالارن وٽ ماٿريءَ ۾ لهي آيا. هائو، خداوند جا ماڻهو زورآورن سان وڙهڻ لاءِ برق وٽ لهي آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ