هنن عُزياہ بادشاهہ کي روڪيو ۽ چيائونس تہ ”اي عُزياہ! اهو تنهنجو ڪم ناهي جو تون خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، بلڪ اهو هارون جي اولاد جو ڪم آهي جيڪي ڪاهن آهن ۽ جيڪي لوبان ساڙڻ لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. سو تون مقدس جاءِ مان نڪري وڃ. جيئن تہ تو گناهہ ڪيو آهي تنهنڪري خداوند خدا وٽ هاڻي تنهنجي ڪابہ عزت ڪانهي.“