Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 4:4 - Muslim Sindhi Bible

4 انهن ڏينهن ۾ دبورہ نالي هڪڙي نبياڻي بني اسرائيل جي رهبر هئي، جيڪا لفيدوت جي زال هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هاڻي دبورہ، جا هڪڙي نبيہ هئي، ۽ لفيدوت جي زال هئي، سا انهن ڏينهن ۾ اسرائيل جو انصاف ڪندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 4:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خلقياہ ڪاهن، اخيقام، عڪبور، سافن ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نالي نبياڻيءَ ڏانهن ويا، جيڪا يروشلم جي نئين آباديءَ واري علائقي ۾ رهندي هئي. هن جو مڙس سلوم ولد تقوم ولد خرخس هو ۽ هو هيڪل جي توشاخاني جو نگران هو. هنن وڃي نبياڻيءَ سان سڄو احوال ڪيو.


تنهنڪري اي منهنجا خدا! طوبياہ ۽ سنبلط جي افعالن ڏانهن ڏس ۽ نبياڻي سڏائيندڙ نوعيدياہ ۽ ٻين نبي سڏائيندڙن ڏانهن بہ ڏس، جيڪي مون کي ڊيڄارڻ ٿا گھرن.


تڏهن هارون جي ڀيڻ مريم جيڪا نبياڻي هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دڦ کنيو ۽ سڀ عورتون دڦ کڻي نچنديون سندس پٺيان هليون.


خداوند فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون پنهنجي قوم جي انهن عورتن ڏانهن ڌيان ڏي، جيڪي پنهنجي دلين مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿيون ڪن. تون انهن جي خلاف


آءٌ تہ اوهان کي مصر ملڪ مان بچائي ڪڍي آيس، جتي اوهين غلام هئا. مون اوهان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ موسيٰ، هارون ۽ مريم کي اوهان لاءِ مقرر ڪيو.


آشر قبيلي جي هڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حَنا هڪ نبياڻي هئي. هوءَ چوراسي سالن جي هڪ پوڙهي عورت هئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رهي ۽ پوءِ رن‌زال ٿي ويئي. تنهن کان پوءِ هوءَ هيڪل ۾ ئي گذاريندي هئي ۽ رات ڏينهن روزا رکڻ ۽ دعائون گھرڻ سان عبادت پئي ڪندي هئي.


انهيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر هيون جيڪي خدا جو پيغام ڏينديون هيون.


جيڪا عورت مٿي اگھاڙي دعا ٿي گھري يا خدا جو پيغام ٿي ٻڌائي، سا پنهنجي مٿي جي بي‌حرمتي ٿي ڪري. اهو ڄڻ تہ سندس مٿي ڪوڙائڻ جي برابر آهي.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


يابين بادشاهہ کي نو سؤ لوهہ جون جنگي گھوڙي گاڏيون هيون. هن ويهن سالن تائين بني اسرائيل سان ڏاڍي سختي ڪئي، تڏهن بني اسرائيل خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو.


هوءَ افرائيم جي جابلو علائقي ۾، رامہ ۽ بيت‌ايل شهرن جي وچ ۾ هڪڙي کجيءَ جي وڻ هيٺان ويهندي هئي ۽ بني اسرائيل اتي وٽس اچي فيصلا ڪرائيندا هئا.


تڏهن انهيءَ ئي ڏينهن برق ولد ابي‌نوعم سان گڏجي دبورہ هي گيت ڳايو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ