Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 4:23 - Muslim Sindhi Bible

23 سو انهيءَ ڏينهن خداوند ڪنعان جي بادشاهہ يابين کي بني اسرائيل جي اڳيان زير ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 انهيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن ڪنعان جي بادشاهہ يابين کي بني اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 4:23
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کين چيو تہ ”خداوند اوهان جو خدا اوهان سان آهي. هن اوهان کي هر طرف کان آرام ڏنو آهي. هن ملڪ ۾ جيڪي اڳ رهندا هئا، تن کي هن منهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي ۽ هاڻي هو سڀ خداوند جي ۽ اوهان جي تابع آهن.


سو هو انهيءَ ملڪ ۾ ويا ۽ وڃي مٿس قبضو ڪيائون. جيڪي ڪنعاني اتي رهندا هئا، تن کي بادشاهن سميت تو هنن جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ کين جيئن وڻي تيئن ساڻن سلوڪ ڪن.


تو ئي جنگ جي لاءِ منهنجي ڪمر پختي ٻڌي، ۽ حملو ڪري آيلن کي تو آڻي مون آڏو ڪيرايو.


اهو خدا، جنهن مون کي بدلي وٺڻ جي سگھہ ڏني، ۽ جنهن غير قومن کي مات ڪري منهنجي تابع ڪيو،


بيشڪ هن ئي قومن کي اسان جي تابع ڪيو آهي. هائو، هن انهن کي اسان جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيو آهي.


پوءِ آءٌ اوهان جي ويرين جي خلاف پنهنجو هٿ کڻان، ۽ اوهان جي دشمنن کي سگھو ئي شڪست ڏيئي ڇڏيان.


ڏسو، جڏهن خدا سڀ ڪجھہ فرزند جي وس هيٺ ڪندو، تڏهن فرزند پنهنجو پاڻ خدا جي وس هيٺ ٿي ويندو، جيڪو سڀ شيون فرزند جي وس هيٺ ڪري ٿو. ائين سڀني ۾ خدا ئي سڀ ڪجھہ هوندو.


ايمان جي ڪري ئي انهن مان ڪن بادشاهتون فتح ڪيون، ڪن انصاف سان نگهباني ڪئي، ڪن اهي برڪتون حاصل ڪيون جن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو ۽ ڪن شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا.


برق بہ سيسرا جو پيڇو ڪندو اتي اچي نڪتو. تڏهن ياعيل ٻاهر نڪري اچي ساڻس ملي ۽ کيس چيائين تہ ”اچ تہ آءٌ تو کي اهو ماڻهو ڏيکاريان جنهن کي تون ڳولين ٿو.“ سو هو ساڻس گڏ اندر ويو ۽ ڇا ڏٺائين تہ سيسرا مئو پيو آهي ۽ تنبوءَ جي ڪلي سندس لوندڙيءَ ۾ لڳي پيئي آهي.


انهيءَ کان پوءِ بادشاهہ يابين تي بني اسرائيل جي پڪڙ وڌندي ويئي، تان جو هنن کيس صفا ناس ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ