قاضين 4:2 - Muslim Sindhi Bible2 تنهنڪري خداوند انهن کي ڪنعان جي بادشاهہ يابين جي حوالي ڪري ڇڏيو جيڪو حصور شهر ۾ راڄ ڪندو هو. انهيءَ جي فوج جو سپهہسالار سيسرا هو جيڪو حروست هگوئيم ۾ رهندو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible2 تڏهن خداوند هنن کي ڪنعان جي بادشاهہ، يابين وٽ وڪڻي ڇڏيو، جو حصور ۾ بادشاهي ڪندو هو؛ انهي جي لشڪر جو سپهہ سالار سيسرا هو، جو حروسيت هگوئيم ۾ رهندو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.