Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 4:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پر برق حروست هگوئيم تائين سندس گاڏين ۽ لشڪر جو پيڇو ڪيو. سو سيسرا جو سڄو لشڪر تلوار جي ڌار سان مارجي ويو ۽ هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 پر برق انهن گاڏين ۽ انهيءَ لشڪر جي پٺيان پئي حروست هگوئيم تائين آيو: ۽ سيسرا جو سڄو لشڪر ترار جي ڌار سان مارجي ويو؛ هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 4:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل گنهگار ڌرتيءَ تان بلڪل فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار ڌرتيءَ تي باقي نہ رهن! آءٌ دل وَ جان سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ کي سڳورو چوان ٿو.


اهي عين‌دور واريءَ جاءِ تي برباد ٿي ويا هئا، ڄڻڪ زمين جو گند ڪچرو ٿي ويا هئا.


اي خدا! انهن کي اهڙو برباد ڪر، جيئن تو مديانين کي ڪيو هو. هائو، جيئن قيسون جي برساتي نهر جي ڀرسان يابين بادشاهہ ۽ سندس سپهہ‌سالار سِيسرا کي برباد ڪيو هوءِ.


سو پاڻي موٽي آيو ۽ گاڏين، سوارن ۽ فرعون جي سڄي لشڪر کي، جيڪو هنن جي پٺيان ڪاهي سمنڊ جي وچ ۾ آيو هو ٻوڙي ڇڏيائين. انهن منجھان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.


آءٌ ئي جنگي گھوڙي گاڏين، ۽ گھوڙن وارن طاقتور لشڪرن کان ڪاهہ ٿو ڪرايان، ۽ آءٌ ئي انهن کي اهڙو تباهہ وَ برباد ٿو ڪريان، جو اهي مري وڃي اهڙا ٿا سمهن جو وري ڪڏهن بہ نہ اٿندا. اهي ائين گم ٿيو وڃن، جيئن ڪو ڏيئو اجھامي وڃي.“


خدا هر گناهہ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. هائو، غير قوم وارا جن شريعت جي ملڻ کان سواءِ گناهہ ڪيا، سي شريعت کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ يهودي جن شريعت هوندي گناهہ ڪيا، تن جو فيصلو بہ شريعت موجب ٿيندو.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


خداوند انهن کي بني اسرائيل جي اڳيان مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو ۽ جِبعون وٽ کين وڏي شڪست ڏنائين. بني اسرائيل بيت‌حورون شهر جي لنگھہ وٽان ويندي هنن جو پيڇو ڪيو ۽ ڏکڻ طرف عزيقاہ ۽ مقيدہ شهرن تائين کين ماريندا ويا.


پوءِ خداوند انهن کي بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ بني اسرائيل انهن کي ماريندا ويا ۽ اتر ۾ وڏي صيدا، مسرفات‌المائم ۽ اوڀر ۾ مصفاہ جي ماٿريءَ تائين انهن جو پيڇو ڪيائون، تان جو انهن مان ڪوبہ جيئرو نہ بچيو.


هيڏانهن سيسرا پيادو ڀڄندو اچي حبر قينيءَ جي زال ياعيل جي تنبوءَ وٽ پهتو، ڇاڪاڻ تہ حصور جي بادشاهہ يابين ۽ حبر قينيءَ جي گھراڻي جي وچ ۾ صلح هو.


تنهنڪري خداوند انهن کي ڪنعان جي بادشاهہ يابين جي حوالي ڪري ڇڏيو جيڪو حصور شهر ۾ راڄ ڪندو هو. انهيءَ جي فوج جو سپهہ‌سالار سيسرا هو جيڪو حروست هگوئيم ۾ رهندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ