Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 4:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن هن پنهنجيون سڀ نو سؤ ئي لوهہ جون جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ پنهنجا سڀيئي ماڻهو گڏ ڪري حروست هگوئيم کان برساتي نهر قيسون تائين آندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تنهن تي سيسرا پنهنجون سڀ جنگي گاڏيون، يعني نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ گڏ ڪري حروست هگوئيم کان قيسون نديءَ تائين آندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 4:13
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ الياس حڪم ڏنو تہ ”بعل ديوتا جي نبي سڏائيندڙن کي پڪڙيو ۽ ڪنهن کي بہ ڀڄڻ نہ ڏيو.“ ماڻهن انهن سڀني کي پڪڙي ورتو. پوءِ الياس انهن کي قيسون جي برساتي نهر ۾ وٺي آيو ۽ اُتي کين مارائي ڇڏيائين.


هنن وراڻيو تہ ”اهو جابلو علائقو اسان جي لاءِ ڪافي ناهي ۽ انهيءَ ماٿريءَ واري ملڪ ۾ جيڪي ڪنعاني رهن ٿا يعني بيت‌شان شهر ۽ آس‌پاس جي ڳوٺن وارا ۽ يزرعيل ماٿريءَ وارا، تن سڀني وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن.“


خداوند بني يهوداہ سان گڏ هو، سو هنن جابلو علائقي تي قبضو ڪري ورتو. پر هو ميداني علائقي جي ماڻهن کي اتان ڪڍي نہ سگھيا، ڇوجو انهن وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون.


جڏهن سيسرا کي خبر پيئي تہ ابي‌نوعم جو پٽ برق، تبور جبل ڏانهن چڙهي ويو آهي.


آءٌ يابين بادشاهہ جي فوج جي سپهہ‌سالار سيسرا کي دلبو ڏئي برساتي نهر قيسون تائين تو وٽ جنگ ڪرڻ لاءِ وٺي ايندس. هن کي جنگي گاڏيون ۽ لشڪر ساڻ هوندو، پر آءٌ تو کي هن تي فتح ڏيندس.‘“


تڏهن ڪنعان جا بادشاهہ اسان تي حملو ڪرڻ آيا. هو تعناڪ شهر جي ڀرسان مجدو جي چشمن وٽ اچي وڙهيا. پر اسان کي لُٽڻ‌ڦرڻ سندن نصيب ۾ ئي نہ هو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ