Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 4:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن سيسرا کي خبر پيئي تہ ابي‌نوعم جو پٽ برق، تبور جبل ڏانهن چڙهي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ هنن سيسرا کي چيو تہ ابي نوعم جو پٽ برق، تبور جي جبل ڏانهن چڙهي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 4:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، اتر کان ڏکڻ تائين تو ئي هر شيءِ پيدا ڪئي آهي. سو تبور ۽ حرمون جبل بہ تنهنجي نالي جي ڪري خوشيون ڪن ٿا.


تنهنجي قدرت تمام مٿاهين آهي. تنهنجو هٿ زورآور آهي ۽ تون طاقت وارو آهين.


اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو قادرِمطلق جيئرو خداوند آهي، سو قسم کڻي فرمائي ٿو تہ ”جيئن تبور جبل سڀني جبلن کان مٿاهون آهي، ۽ جيئن ڪرمل جبل سمنڊ کان تمام اوچو آهي، تيئن ئي اهو شخص اوهان کان زورآور آهي، جيڪو اوهان تي حملو ڪرڻ اچي ٿو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ڪاهنؤ! ٻڌو، اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين ڌيان ڏيو. اي شاهي گھراڻي وارؤ! اوهين ڪن ڏيو، اوهين جيڪي ٻين جي خلاف فتويٰ جاري ڪريو ٿا، هاڻي اوهان جي خلاف فتويٰ جاري ٿي چڪي آهي. اوهين مصفاہ ۾ ڦندو وجھي، تبور جبل تي ڄار پکيڙي،


ساريد جي ٻئي پاسي کان اها اوڀر طرف ڪسلوت‌تبور جي سرحد تائين ويئي، جتان پوءِ دبرت کان ٿيندي يفيع تائين هلي ويئي.


اُها سرحد تبور جبل، شخصيماہ ۽ بيت‌شمس کان ٿيندي وڃي اردن درياءَ تي ختم ٿي. انهن جي حصي ۾ ڪل سورهن شهر ۽ آس‌پاس وارا ڳوٺ مليا.


اتان اها سرحد ڦري اولهہ طرف ازنوت‌تبور جبل ڏانهن ويئي ۽ اتان حقوق ڏانهن ويئي. انهيءَ علائقي جي ڏکڻ ۾ زبولون علائقو، اولهہ ۾ آشر علائقو ۽ اوڀر طرف اردن درياءُ اچي وڃي ٿو.


هوڏانهن حبر قيني جيڪو موسيٰ جي سالي حباب جي اولاد مان هو، تنهن ٻين قينين کان الڳ ٿي، قادس شهر جي ويجھو ضعننيم ۾ وڃي شاهہ‌بلوط جي هڪڙي وڻ وٽ پنهنجو خيمو کوڙيو.


تڏهن هن پنهنجيون سڀ نو سؤ ئي لوهہ جون جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ پنهنجا سڀيئي ماڻهو گڏ ڪري حروست هگوئيم کان برساتي نهر قيسون تائين آندا.


هڪڙي ڏينهن هن برق ولد ابي‌نوعم کي نفتالي قبيلي واري علائقي جي قادس شهر مان گھرائي کيس چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا تو کي اهو حڪم ڏئي ٿو تہ ’تون نفتالي ۽ زبولون قبيلن منجھان ڏهہ هزار ماڻهو پاڻ سان وٺي تبور جبل ڏانهن وڃ.


پوءِ هن زبح ۽ ضلمنع کان پڇيو تہ ”جن ماڻهن کي اوهان تبور ۾ قتل ڪيو هو سي ڪيئن هئا؟“ هنن وراڻيو تہ ”اهي تو جهڙا هئا. انهن مان هر ڪو بادشاهزادو پئي لڳو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ