Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 4:11 - Muslim Sindhi Bible

11 هوڏانهن حبر قيني جيڪو موسيٰ جي سالي حباب جي اولاد مان هو، تنهن ٻين قينين کان الڳ ٿي، قادس شهر جي ويجھو ضعننيم ۾ وڃي شاهہ‌بلوط جي هڪڙي وڻ وٽ پنهنجو خيمو کوڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 هاڻي حبر قيني پاڻ کي قينين کان ڌار ڪيو هو، يعني موسيٰ جي سالي حباب جي پٽن کان: ۽ ضعننيم، جو قادس جي پاسي ۾ آهي، تنهن ۾ وڃي، شاهہ بلوط وٽ پنهنجو تنبو هنيو هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 4:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

موسيٰ جي سهري يٿرو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو، تنهن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تہ خدا موسيٰ ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي ۽ ڪيئن خداوند بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو.


جڏهن اهي پنهنجي پيءُ وٽ موٽي آيون تڏهن هن پڇين تہ ”اڄ اوهين ايترو جلد ڪيئن آيون آهيو؟“


موسيٰ پنهنجي سهري يٿرو جا ڌڻ چاريندو هو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو. هڪ ڏينهن هو ڌڻ کي هڪليندو بيابان جي پرئين پاسي خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.


موسيٰ پنهنجي سهري يٿروءَ جي پٽ حوباب کي چيو تہ ”اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃڻ وارا آهيون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ ’آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس.‘ هن بني اسرائيل کي خوشحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. سو تون اسان سان هل ۽ اسين تو کي ان خوشحاليءَ ۾ پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسون.“


جيڪڏهن تون اسان سان هلندين تہ خداوند جي ڏنل برڪتن ۾ اسين تو کي پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسين.“


پوءِ بلعام کي رويا ۾ قيني قوم نظر آئي، تڏهن هو پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ ”اي قينيؤ! اوهان جي رهڻ واري جاءِ مضبوط آهي، اوهان جو گھر آکيري جيان ٽڪر تي محفوظ آهي.


انهن جي سرحد حلف کان شروع ٿي ۽ ضعننيم جي شاهہ‌بلوط وڻ کان، ادامي‌نقب، يبني‌ايل ۽ لقوم کان ٿيندي اردن درياءَ تي وڃي ختم ٿي.


موسيٰ جي ساهراڻي خاندان مان قينيءَ جو اولاد کجين واري شهر يريحو مان بني يهوداہ سان گڏجي يهوداہ جي بيابان ۾ ويو جيڪو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي. هو اتي وڃي عماليقين سان رهڻ لڳا.


جڏهن سيسرا کي خبر پيئي تہ ابي‌نوعم جو پٽ برق، تبور جبل ڏانهن چڙهي ويو آهي.


هڪڙي ڏينهن هن برق ولد ابي‌نوعم کي نفتالي قبيلي واري علائقي جي قادس شهر مان گھرائي کيس چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا تو کي اهو حڪم ڏئي ٿو تہ ’تون نفتالي ۽ زبولون قبيلن منجھان ڏهہ هزار ماڻهو پاڻ سان وٺي تبور جبل ڏانهن وڃ.


هن قينين ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تہ اوهان جا ابا ڏاڏا بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ وقت ساڻن مهربانيءَ سان پيش آيا هئا، تنهنڪري اوهين هتان هليا وڃو ۽ عماليقين مان نڪري وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ انهن سان گڏ تباهہ نہ ڪري ڇڏيان.“ تڏهن قيني قبيلي وارا عماليقين مان نڪري هليا ويا.


پر جڏهن اڪيس کانئس پڇندو هو تہ ”اڄ اوهان ڪيڏانهن ڪاهہ ڪئي هئي؟“ تڏهن دائود ڦيرائي ٻڌائيندو هئس تہ يهوداہ جي ڏکڻ يا يرحمئيلين جي ڏکڻ يا قينين جي ڏکڻ ڏانهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ