Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 4:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ برق زبولون ۽ نفتالي قبيلن کي گھرائي قادس شهر ۾ گڏ ڪيو ۽ ڏهہ هزار ماڻهو سندس پٺيان ٿي هليا. دبورہ بہ ساڻس گڏ ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ برق، زبولون ۽ نفتاليءَ کي ڪوٺي قادس ۾ گڏ ڪيو؛ ۽ ڏهہ هزار ماڻهو ساڻس گڏ هئا، ۽ دبورہ بہ ساڻس گڏ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 4:10
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ اخي‌اب جواب ڏنو تہ ”وڃي بن‌هدد کي ٻڌايو تہ ’جنگي جوڌا جنگ کان پوءِ ٻٽاڪون هڻندا آهن، جنگ کان اڳ ۾ نہ.‘“


اي خدا! تون پنهنجي قدرت کي ظاهر ڪر. هائو، اي خدا! ساڳيءَ ئي قدرت، جنهن سان تو اسان جي مدد ڪئي هئي.


آخر ۾ موسيٰ چيس تہ ”تنهنجا هي سڀ عملدار مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي منٿ ڪندا تہ ’تون پنهنجي پوئلڳن کي وٺي هليو وڃ.‘ انهيءَ کان پوءِ آءٌ هليو ويندس.“ ائين چئي موسيٰ ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان فرعون وٽان نڪري ويو.


تڏهن دبورہ برق کي چيو تہ ”اُٿي وڃ، ڇاڪاڻ تہ اڄوڪي ڏينهن خداوند سيسرا کي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. ڏس، خداوند تنهنجي اڳيان هلندو.“ سو برق پنهنجي ڏهہ هزار ماڻهن سان تبور جبل تان لٿو.


هڪڙي ڏينهن هن برق ولد ابي‌نوعم کي نفتالي قبيلي واري علائقي جي قادس شهر مان گھرائي کيس چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا تو کي اهو حڪم ڏئي ٿو تہ ’تون نفتالي ۽ زبولون قبيلن منجھان ڏهہ هزار ماڻهو پاڻ سان وٺي تبور جبل ڏانهن وڃ.


مون دبورہ سان گڏ اِسڪار جا امير آيا، جيئن برق آيو هو تيئن ئي اِسڪار وارا آيا، برق جي پٺيان پٺيان هو واديءَ ۾ اچي پهتا. پر اي بني روبن! اوهان جي قبيلي مان ڇو ڪوبہ نہ آيو؟


جڏهن تہ بني زبولون ۽ بني نفتالي جنگ جي ميدان ۾ اچي نڪتا، بيشڪ اهي موت سان کيڏڻ وارا جوڌا هئا.


هن منسي قبيلي جي ٻنهي حصن ڏانهن ۽ آشر، زبولون ۽ نفتالي قبيلن ڏانهن پڻ قاصد موڪليا ۽ اهي بہ نڪري اچي ساڻس گڏيا.


هاڻي هي نذرانو جيڪو توهان جي ٻانهيءَ پنهنجي آقا لاءِ آندو آهي، سو ڀلي تہ اوهين پنهنجي نوڪرن کي ڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ