Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 3:31 - Muslim Sindhi Bible

31 اهود کان پوءِ شمجر ولد عنات اڀريو، جنهن بني اسرائيل کي فلستين کان بچايو. هن فلستين جا ڇهہ سؤ ماڻهو ڏاندن هڪلڻ واريءَ لٺ سان ماريا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ انهي کان پوءِ شمجر بن عنات اُٿيو، جنهن فلستين جا ڇهہ سؤ ماڻهو ڏاندن هڪلڻ واريءَ لٺ سان ماريا: ۽ انهيءَ بہ اسرائيل کي بچايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 3:31
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حقيقت ۾ مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اها بہ ڏاهپ وارن لفظن استعمال ڪرڻ سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙهي جان ڏيڻ بي‌اثر ٿئي.


خداوند بني اسرائيل کي وراڻيو تہ ”جڏهن مصرين، امورين، بني عمون ۽ فلستين،


پوءِ بني عمون جنگ لاءِ تيار ٿي جِلعاد ۾ اچي خيما کوڙيا. بني اسرائيل بہ گڏ ٿي جِلعاد جي ويجھو مصفاہ ۾ اچي خيما کوڙيا.


تڏهن خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ کين فلستين ۽ بني عمون جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيائين.


هن اُتي هڪڙي گڏهہ جي تازي ڄاڙهہ پيل ڏٺي جيڪا جھپڙ ڏيئي کنيائين ۽ انهيءَ سان هڪ هزار ماڻهن کي ماريائين.


پوءِ خداوند انهن لاءِ رهبر مقرر ڪيا، جن انهن کي ڦورن جي هٿن مان ڇڏايو.


تنهن ڏينهن بني اسرائيل موآب قوم تي قبضو ڪري ورتو ۽ اسي سالن تائين ملڪ ۾ امن وَ سڪون رهيو.


اهود جي وفات کان پوءِ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


رهبر شمجر جي ڏينهن ۾ ياعيل نالي هڪ عورت هئي. تن ڏينهن ۾ شاهي رستن تي سفر ڪرڻ ۾ بيحد خطرو هوندو هو، سو هر ماڻهو وروڪڙ پيچرن تان سفر ڪندو هو.


بني اسرائيل جڏهن نوان نوان معبود چونڊي ڪڍيا هئا، تڏهن هڪ غير قوم شهرن تي چڙهائي ڪئي هئي. جڏهن تہ ملڪ جي چاليهہ هزار جنگي جوڌن وٽ مقابلي لاءِ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ئي ڪونہ هو.


پر هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو. سو خداوند انهن کي حصور شهر جي فوج جي سپهہ‌سالار سيسرا جي هٿان، فلستين جي هٿان ۽ موآب جي بادشاهہ جي هٿان شڪست ڏياري کين انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو.


۽ هنن سڀني ماڻهن کي اها بہ خبر پوندي تہ خداوند تلوار ۽ نيزي سان نہ ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست تہ خداوند جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي اوهان کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو.“


اهڙيءَ طرح دائود بنا ڪنهن تلوار جي، رڳو کانڀاڻيءَ مان هڪڙي پٿر اڇلائڻ سان جالوت کي شڪست ڏيئي ماري ڇڏيو.


انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃي عبن‌عزر هنڌ وٽ تنبو کوڙيا ۽ فلستين پنهنجا تنبو افيق علائقي ۾ وڃي هنيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ