Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 3:28 - Muslim Sindhi Bible

28 اهود کين چيو تہ ”منهنجي پٺيان هليا اچو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي دشمن موآبين کي اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“ سو هو انهيءَ جي پٺيان لهي ويا ۽ وڃي اردن درياءَ جي گھيرن وٽ موآبين جا گھٽ جھليائون ۽ هڪڙي ماڻهوءَ کي بہ پار لنگھڻ نہ ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ هن انهن کي چيو تہ منهنجي پٺيان اچو: ڇالاءِ جو خدا اوهانجن دشمنن يعني موآبين کي، اوهان جي هٿ ۾ ڏنو آهي، ۽ هو انهيءَ جي پٺيان لهي ويا، ۽ وڃي يردن جي گهيرن وٽ، موآبين جا گهٽ جهليائون، ۽ هڪڙي ماڻهو کي بہ پار لنگهڻ نہ ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 3:28
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسرائيل جو بادشاهہ اخي‌اب جنگ جي ميدان ۾ آيو، گھوڙن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين کي قبضي ۾ ورتائين ۽ ارامين کي وڏي شڪست ڏنائين.


تڏهن بادشاهہ جا ماڻهو اردن درياءَ جي گھير تائين انهن جاسوسن جي ڳولا ۾ نڪتا. جيئن ئي هو شهر کان ٻاهر نڪتا تيئن شهر جو دروازو بند ڪيو ويو.


خداوند بني اسرائيل کي وراڻيو تہ ”جڏهن مصرين، امورين، بني عمون ۽ فلستين،


جِلعادين افرائيمين کي روڪڻ لاءِ اردن درياءَ جا گھٽ وڃي جھليا ۽ جڏهن ڪنهن افرائيمي ڀڳوڙي اچي ٿي چيو تہ ”مون کي پار ٽپڻ ڏيو،“ تڏهن جِلعاد جي ماڻهن کانئس پڇيو ٿي تہ ”تون افرائيمي آهين ڇا؟“ جيڪڏهن هن ٿي چيو تہ ”نہ،“


انهيءَ ڏينهن هنن موآبين جا ڏهہ هزار سُورهيہ مرد ماري ڇڏيا ۽ انهن مان هڪڙو بہ بچي نہ نڪتو.


پوءِ برق زبولون ۽ نفتالي قبيلن کي گھرائي قادس شهر ۾ گڏ ڪيو ۽ ڏهہ هزار ماڻهو سندس پٺيان ٿي هليا. دبورہ بہ ساڻس گڏ ويئي.


هن جي سنگتيءَ وراڻيو تہ ”پڪ سان اها بني اسرائيل جي انهيءَ شخص جِدعون ولد يوآس جي تلوار آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ ناهي. خدا مديانين ۽ سڄي خيمي‌گاهہ کي انهيءَ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“


جِدعون جڏهن اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌو تڏهن سجدي ۾ ڪري پيو. پوءِ هو موٽي بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ ۾ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اُٿو، خداوند مديانين جو خيمي‌گاهہ اوهان جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“


هن کين چيو تہ ”جڏهن آءٌ دشمن جي خيمي‌گاهہ جي ٻاهرين پاسي وٽ پهچان، تڏهن مون ڏانهن نهارجو ۽ جيئن آءٌ ڪريان تيئن اوهين بہ ڪجو.


جِدعون افرائيم جي سڄي جابلو علائقي ۾ قاصدن وسيلي چوائي موڪليو تہ ”مديانين سان وڙهڻ لاءِ نڪري اچو ۽ بيت‌برہ تائين اردن درياءَ جا سمورا گھٽ هٿ ڪريو تہ جيئن مدياني ٽپي نہ وڃن.“ سو افرائيم جا سڀيئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ بيت‌برہ تائين اردن درياءَ جا گھٽ قبضي ڪيائون.


انهيءَ ئي رات خداوند جِدعون کي چيو تہ ”اُٿ ۽ هيٺ لهي خيمي‌گاهہ تي حملو ڪر، آءٌ تو کي مٿس سوڀ ڏيندس.


۽ هنن سڀني ماڻهن کي اها بہ خبر پوندي تہ خداوند تلوار ۽ نيزي سان نہ ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست تہ خداوند جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي اوهان کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ