Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 3:20 - Muslim Sindhi Bible

20 جيئن تہ بادشاهہ ان وقت پنهنجي هوادار ماڙيءَ ۾ اڪيلو ويٺو هو، سو اهود سندس ويجھو آيو ۽ کيس چيائين تہ ”مون کي توهان لاءِ خدا جي طرفان هڪڙو پيغام مليو آهي.“ تنهن تي بادشاهہ پنهنجي جاءِ تان اُٿي بيٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 تڏهن اهود هن کي ويجهو آيو: ۽ هو پنهنجي آرڙهہ واري صفيءَ ۾ اڪيلو ويٺو هو. ۽ اهود چيو تہ مون کي تنهنجي لاءِ خدا جو هڪڙو پيغام آهي، ۽ هو پنهنجي جاءِ تان اُٿي کڙو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 3:20
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”وڃي دائود کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ خداوند تنهنجي اڳيان ٽي آفتون رکان ٿو، انهن مان هڪڙي چونڊي کڻ تہ اها آءٌ تو تي نازل ڪريان.‘“


جيئن تہ عزرا سڀني ماڻهن کان مٿي بيٺو هو ۽ سڀيئي هن کي ڏسي ٿي سگھيا، سو جيئن ئي عزرا ڪتاب کوليو تہ سڀيئي ماڻهو اُٿي بيٺا.


اي فرشتؤ! اوهين خداوند جي تعريف ڪريو. هائو، هن جي جلال ۽ قدرت جي واکاڻ ڪريو.


اي قومن جا بادشاهہ! ڪير نہ تنهنجو خوف رکندو؟ ڇو تہ رڳو تون ئي انهيءَ لائق آهين. قومن جي سڀني دانائن ۾، ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


جيئن تہ اها سياري جي موسم هئي، سو بادشاهہ پنهنجي محل جي سياري واري رهائش‌گاهہ جي درٻار ۾ ويٺو هو ۽ سندس اڳيان مچ پئي ٻريو.


آءٌ سياري توڙي اونهاري وارا گھر برباد ڪري ڇڏيندس. عاج سان سينگاريل گھر چٽ ٿي ويندا، ۽ ٻيا بہ گھڻا ئي گھر ناس ٿي ويندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.


اها دانائي آهي تہ خداوند کان ڊڄڻ گھرجي. خداوند يروشلم شهر وارن کي مخاطب ٿي چوي ٿو تہ ”ٻڌو، اي شهر ۾ گڏ ٿيڻ وارؤ! منهنجو هي پيغام ٻڌو.


تڏهن بلعام پنهنجو الهامي گفتو شروع ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي صفور جا پٽ بلق! تون منهنجي ڳالهہ ڌيان سان ٻڌ.


مگر پاڻ جِلجال وارين پٿر جي مورتين وٽان موٽي عجلون بادشاهہ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”اي بادشاهہ! مون کي هڪڙو ڳجھو پيغام توهان کي ڏيڻو آهي.“ بادشاهہ چيو تہ ”نويڪلائي ٿئي.“ تڏهن بادشاهہ جا سڀ درٻاري ٻاهر نڪري ويا.


تڏهن اهود پنهنجو کاٻو هٿ ڊگھيري پنهنجي ساڄي ران تي ٻڌل تلوار ڪڍي ۽ بادشاهہ جي پيٽ ۾ هنئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ