Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 3:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اهو انهيءَ ڪري ڪيائين تہ جيئن هو بني اسرائيل جي هر پيڙهيءَ کي جنگ ڪرڻ سيکاري جن کي جنگ جو تجربو ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تہ بني اسرائيل جي پيڙهين کي خبر پوي، ۽ جن کي اڳي جنگ جي واقفيت نہ هئي، تن کي جنگ ڪرڻ سيکاري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 3:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪو وڻ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ آهي، تنهن جو ميوو هرگز نہ کائجانءِ، ڇو تہ جنهن ڏينهن تون اهو کائيندين تنهن ڏينهن ضرور مرندين.“


خدا ائين انهيءَ ڪري چيو آهي جو کيس خبر آهي تہ جنهن وقت اوهين اهو ميوو کائيندا تنهن وقت خدا وانگر نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سڃاڻي وٺندا.“


جيئن ئي انهن کاڌو تہ کين سمجھہ اچي ويئي ۽ محسوس ڪيائون تہ ”اسين اگھاڙا آهيون.“ سو هنن انجير جي پنن کي پاڻ ۾ ڳنڍي پنهنجي لاءِ لانگوٽا ٺاهيا.


تنهن هوندي بہ هو انهيءَ جي رعيت ٿي رهندا، تہ جيئن هنن کي منهنجي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ وارن ملڪن جي بادشاهن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ فرق جي خبر پوي.“


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي سلامتي ملي. دنيا ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آهي.“


تون ايمان جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ دائمي زندگيءَ کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو.


عيسيٰ مسيح جي سٺي سپاهيءَ وانگر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.


آءٌ چڱي ويڙهہ وڙهي چڪو آهيان. آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪري چڪو آهيان. مون ايمان کي محفوظ رکيو آهي.


سو خداوند اتي ڪجھہ قومون ڇڏي ڏنيون، انهيءَ لاءِ تہ انهن جي ذريعي بني اسرائيل جي انهن سڀني ماڻهن کي آزمائي جن ڪنعان ۾ جنگيون نہ ڏٺيون هيون.


جن قومن کي ڇڏيو ويو سي هي هيون: فلستين جا پنج سردار، سمورا ڪنعاني، صيداني ۽ حوي جيڪي لبنان جبلن جي قطار ۾ بعل‌حرمون جبل کان وٺي حمات لڪ تائين رهندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ