Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 3:12 - Muslim Sindhi Bible

12 ان کان پوءِ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. سو انهن جي برائيءَ جي ڪري خداوند موآب جي بادشاهہ عجلون کي انهن کان وڌيڪ زور وٺرايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: ۽ خداوند موآب جي بادشاهہ عجلون کي اسرائيل تي غالب ڪيو، ڇالاءِ جو هنن اهڙا ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 3:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ارام جي بادشاهہ جو هڪڙو سپهہ‌سالار هو جنهن جو نالو نعمان هو. پنهنجي مالڪ جي نظر ۾ هو وڏو ڳُڻن ڀريو ماڻهو هو ۽ سندس وڏي عزت هئي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي وسيلي خداوند ارام ملڪ کي فتح ڏني هئي. هو هڪ بهادر سپاهي هو، پر کيس ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري هئي.


پر حقيقت ڪري مون تو کي رڳو انهيءَ سبب جيئرو رهڻ ڏنو آهي تہ جيئن تو کي پنهنجي قدرت ڏيکاريان ۽ انهيءَ سان منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ روشن ٿئي.


پر خداوند هن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڇا ڪهاڙي انهيءَ ماڻهوءَ اڳيان ٻٽاڪ هڻي ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي استعمال ٿو ڪري؟ يا ڪارائي انهيءَ سان وڏائي ڪري ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي هلائي ٿو؟ ڀلا لٺ پنهنجي کڻڻ واري کي ڪيئن ٿي لوڏي سگھي؟ يا لڪڻ ماڻهوءَ کي ڪيئن ٿو کڻي سگھي؟“


اي سنحيرب! هاڻي مون خداوند جي ٻڌ، هي سڀ مون گھڻو اڳ رٿي ڇڏيو هو. تون نہ ٿو ڄاڻين تہ اهو آءٌ ئي آهيان، جنهن فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ اهو سڀ ڪجھہ تو کي ڪرڻو آهي. مون ئي تو کي چونڊي ڪڍيو هو تہ تون انهن ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويران دڙا بڻائي ڇڏين.


تون منهنجي قوم بني اسرائيل تي چڙهائي ڪري ايندين ۽ ملڪ مٿان ڪڪرن وانگر ڇانئجي ويندين. اهو سڀ ڪجھہ اڳتي هلي ٿيندو. اي ياجوج! آءٌ تو کي پنهنجي انهيءَ ملڪ تي چاڙهي آڻيندس، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي هر قوم تنهنجي انهن ڪمن مان ڄاڻي وٺي تہ مون خداوند ئي پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو آهي.


اي بادشاهہ سلامت! اهو وڻ توهين ئي آهيو، جيڪي وڌي مضبوط ٿيا آهيو. توهان جي عظمت وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ توهان جي حاڪميت ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تائين وڃي پهتي آهي.


اي بادشاهہ! خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي، عظمت، عزت ۽ حشمت عطا ڪئي هئي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان سان ڇا ڪريان؟ ۽ اي يهوداہ وارؤ! آءٌ اوهان سان ڪيئن هلان؟ اوهان جي وفاداري صبح جي ڪڪر جيان گم ٿيو وڃي هائو، جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“


پوءِ بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ هو بعل ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


تنهن تي خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ هن کين ڦورن جي حوالي ڪري ڇڏيو جن کين ڦري لٽي ڇڏيو. هن انهن کي سندن آس‌پاس وارن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگھيا.


پر جڏهن اهو رهبر مري ويندو هو تڏهن هو وري ڦري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ برائي ڪندا هئا. هو غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ڪندا هئا ۽ کين سجدو ڪندا هئا. هو پنهنجن برن ڪمن ۽ هوڏ واري رستي کان باز نہ ايندا هئا.


سو ڪنعان ملڪ ۾ چاليهن سالن تائين امن وَ سڪون رهيو. پوءِ غتني‌ايل وفات ڪئي.


پر هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو. سو خداوند انهن کي حصور شهر جي فوج جي سپهہ‌سالار سيسرا جي هٿان، فلستين جي هٿان ۽ موآب جي بادشاهہ جي هٿان شڪست ڏياري کين انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ