پر جيئن ئي هنن کي آرام مليو، تيئن ئي هنن وري بہ اُهي ئي ڪم ڪيا، جيڪي تنهنجي نظر ۾ بُرا هئا. تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن مٿن حڪمراني ڪئي. وري جڏهن هنن تو کي ٻاڏايو، تڏهن تو انهن جون دانهون عرش عظيم مان ورنايون. ائين بار بار تو هنن کي پنهنجي وڏيءَ ٻاجھہ سان ڇڏايو.
اهڙيءَ طرح يشوع سڄو ملڪ قبضي ڪري ورتو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. يشوع اهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن موجب ورثي طور ورهائي ڏنو. پوءِ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.
ان کان پوءِ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. سو انهن جي برائيءَ جي ڪري خداوند موآب جي بادشاهہ عجلون کي انهن کان وڌيڪ زور وٺرايو.