Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 21:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سو هاڻي هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا بني اسرائيل مان ڪو اهڙو گھراڻو آهي جيڪو مصفاہ ۾ خداوند جي حضور ۾ حاضر نہ ٿيو هجي؟“ تڏهن کين معلوم ٿيو تہ جِلعاد جي يبيس شهر مان ڪوبہ اتي ڪونہ آيو هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تڏهن هنن چيو تہ اسرائيل جي فرقن مان ڪهڙو آهي جو خداوند جي حضور ۾ نہ آيو؟ ۽ ڏسو يبيس جلعاد مان ڪوبہ جماعت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ لشڪرگاهہ ۾ نہ آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 21:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي ڪجھہ فلستين سائول سان ڪيو هو، سو جڏهن جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي رهاڪن ٻڌو،


ڇاڪاڻ تہ جڏهن اتي حاضري لڳائي ويئي تہ يبيس جي رهاڪن مان ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو هو.


خداوند جي ملائڪ چيو تہ ’ميروز ڳوٺ تي لعنت هجي، هائو، ميروز جي رهاڪن تي بي‌شمار لعنت هجي.‘ انهيءَ سبب جو هنن خداوند جو ساٿ ڪين ڏنو، جڏهن هن زورآورن سان جنگ ٿي ڪئي.


پوءِ هن ڏاندن جي هڪڙي جوڙي کي ڪهي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اهي ٽڪرا هن قاصدن جي هٿان بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن ڏياري موڪليا ۽ کين چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو سائول ۽ سموئيل جي پٺيان نڪري نہ ايندو تنهن جي ڏاندن جو بہ اهو ئي حال ڪيو ويندو.“ تڏهن ماڻهن ۾ خداوند جو خوف اچي پيو، سو اهي سڀيئي گڏجي هڪ ٿي سائول ڏانهن روانا ٿيا.


هنن يبيس شهر کان آيل قاصدن کي چيو تہ ”اوهين يبيس جي ماڻهن کي وڃي چئو تہ ’سڀاڻي جڏهن سج تپندو تنهن مهل اوهان کي ڇڏايو ويندو.‘“ سو قاصدن اچي يبيس شهر جي ماڻهن کي اها ڳالهہ ٻڌائي تہ هو ڏاڍا خوش ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ