Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 21:5 - Muslim Sindhi Bible

5-7 انهيءَ دوران بني اسرائيل پنهنجي هم‌قوم بني بنيامين لاءِ هر هر ڏاڍو افسوس ڪندي پئي چيو تہ ”اڄ بني اسرائيل مان هڪ قبيلو ڪٽجي ويو آهي. پر جيڪي باقي بچيا آهن هاڻي تن کي پرڻائڻ جي باري ۾ اسين ڇا ڪريون؟ اسان تہ خداوند جو قسم کنيو آهي تہ اسين پنهنجيون ڌيئرون هنن کي پرڻائي نہ ڏينداسين.“ جيئن تہ هنن پڪو قسم کڻي چيو هو تہ ”جيڪو بہ خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر نہ ٿيندو تنهن کي ضرور ماريو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ بني اسرائيل چيو تہ اسرائيل جي سڀني فرقن مان اُهو ڪير آهي جو خداوند جي جماعت ۾ نہ آيو آهي؟ ڇالاءِ جو مصفاہ ۾ خداوند جي حضور ۾ نہ اچڻ واري جي نسبت ۾ هنن وڏو قسم کنيو هو، ۽ چيو هئائون تہ اهڙو ماڻهو ضرور قتل ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 21:5
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ جيڪو خداوند جي انهيءَ ڪم ۾ غفلت ڪندو سو لعنتي ٿيندو. هائو، جيڪو پنهنجيءَ تلوار کي خون وهائڻ کان روڪيندو سو لعنتي ٿيندو.


بني اسرائيل جا ماڻهو جڏهن مصفاہ شهر ۾ گڏ ٿيا هئا تڏهن قسم کڻي چيو هئائون تہ ”اسان مان ڪوبہ پنهنجي ڌيءَ بني بنيامين کي پرڻائي نہ ڏيندو.“


پر اسين هنن کي پنهنجيون ڌيئرون پرڻائي نہ ٿا ڏيئي سگھون، ڇاڪاڻ تہ اسان بني اسرائيل قسم کڻي چيو هو تہ ’لعنت هجي انهيءَ تي جيڪو ڪنهن بني بنيامين کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏئي.‘“


خداوند جي ملائڪ چيو تہ ’ميروز ڳوٺ تي لعنت هجي، هائو، ميروز جي رهاڪن تي بي‌شمار لعنت هجي.‘ انهيءَ سبب جو هنن خداوند جو ساٿ ڪين ڏنو، جڏهن هن زورآورن سان جنگ ٿي ڪئي.


پوءِ هن ڏاندن جي هڪڙي جوڙي کي ڪهي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اهي ٽڪرا هن قاصدن جي هٿان بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن ڏياري موڪليا ۽ کين چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو سائول ۽ سموئيل جي پٺيان نڪري نہ ايندو تنهن جي ڏاندن جو بہ اهو ئي حال ڪيو ويندو.“ تڏهن ماڻهن ۾ خداوند جو خوف اچي پيو، سو اهي سڀيئي گڏجي هڪ ٿي سائول ڏانهن روانا ٿيا.


۽ سائول جي لشڪر ۾ اٽڪل ڏهہ هزار ماڻهو گڏ ٿي ويا. جڏهن جنگ افرائيم جي جابلو علائقي ۾ هر شهر تائين پکڙجي ويئي، تڏهن سائول هڪڙي وڏي غلطي ڪئي جو ماڻهن کي قسم ڏيئي چيائين تہ ”جيستائين شام نہ ٿئي ۽ آءٌ پنهنجي دشمنن کان وير نہ وٺان، تيستائين جيڪو کاڌو کائيندو سو لعنتي ٿيندو.“ تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ ڪا شيءِ چکي بہ ڪونہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ