Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 21:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ٻئي ڏينهن ماڻهو صبح جو سوير اٿيا ۽ اُتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهيائون ۽ انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ صبح جو هيئن ٿيو تہ ماڻهو سوير اُٿيا ۽ اُتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائون، ۽ انهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 21:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ئي ڏينهن جاد دائود وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”وڃ ۽ وڃي اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙ.“


پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ملڪ جي لاءِ دعا ٻڌي ۽ بني اسرائيل قوم تان اها وبا ٽري ويئي.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي اڱڻ جو وچ وارو حصو جيڪو خداوند جي گھر جي اڳيان هو تنهن کي بادشاهہ مخصوص ڪيو ۽ اتي هن ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي پيش ڪئي، ڇاڪاڻ تہ پتل جي قربان‌گاهہ جيڪا خداوند جي حضور ۾ هئي سا انهن قربانين لاءِ تمام ننڍي هئي.


پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“


بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو.


اسان ايمان وارن جي تہ هڪ اهڙي قربان‌گاهہ آهي، جنهن مان مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪندڙ ڪاهنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.


تڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو بيت‌ايل ڏانهن موٽي ويا ۽ اتي خداوند اڳيان ويهي رنائون. هنن اهو سڄو ڏينهن روزو رکيو ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


هنن رڙيون ڪري پئي چيو تہ ”اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! ائين ڇو ٿيو؟ ڇو بني اسرائيل مان هڪڙو قبيلو گھٽ ٿي ويو.“


تڏهن جِدعون اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ‌سلوم رکيائين. اها اڄ ڏينهن تائين ابيعزر واري گھراڻي جي ڳوٺ عفرہ ۾ موجود آهي.


پوءِ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ انهيءَ ڊاهيل قربان‌گاهہ جي دڙي جي چوٽيءَ تي قاعدي موجب هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهہ. تنهن بعد يسيرہ مورتين واري ٿنڀي جي وڍيل ڪاٺين سان انهيءَ ڏاند جي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪر.“


پوءِ هو رامہ شهر ۾ موٽي ايندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس گھر اُتي هو. اتي پڻ هو بني اسرائيل ۾ عدالت ڪندو هو ۽ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ