Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 21:25 - Muslim Sindhi Bible

25 انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل تي ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، هر ڪو ماڻهو جيئن هن کي مناسب نظر ايندو هو تيئن ئي ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 انهن ڏينهن ۾ اسرائيل منجهہ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو؛ سڀڪو ماڻهو جيئن هن کي مناسب نظر ايندو هو تيئن ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 21:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي پاڻ ۾ چون ٿا تہ ”اسين پنهنجيءَ زبان سان غالب پونداسين، ۽ جيڪي وڻندو سو چونداسين، ڪير آهي جيڪو اسان کي روڪي سگھي؟“


ڪي راهون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ تہ سنئيون سڌيون نظر اينديون آهن، مگر انهن جي پڇاڙي موت هوندو آهي.


اوهين دل وَ جان سان خداوند تي توڪل رکو ۽ رڳو پنهنجي سمجھہ تي نہ ڀاڙيو.


اي نوجوانؤ! جيستائين اوهين جوان آهيو، تيستائين جائز خوشيون ملهايو ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيو. اوهان جي دل جيڪي چاهي سو ڪريو. ڀلي تہ اوهين زندگيءَ جو جائز لطف حاصل ڪريو. پر اهو ڄاڻي ڇڏيو تہ اوهان جي سڀني خيالن ۽ ڪمن جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ خدا اوهان کي پنهنجي عدالت ۾ ضرور سڏائيندو.


اسين سڀ اهڙين رڍن وانگر آهيون، جيڪي پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ٿيون وڃن. اسان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ٿو وڃي. پر خداوند اها سزا هن جي مٿان آندي، جڏهن تہ انهيءَ سزا جا حقدار اسين ئي هئاسين.


سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.


عبادت واري انهيءَ جاءِ تي اوهين ائين نہ ڪجو، جيئن اڄوڪي ڏينهن اسين هتي ڪريون ٿا، جو جنهن کي جيئن وڻي ٿو تيئن ٿو عبادت ڪري.


انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل تي ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو. سو جنهن کي جيڪي وڻيو ٿي تنهن سو ئي ڪيو ٿي.


انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو. انهن ئي ڏينهن ۾ دان قبيلي وارا انهيءَ ڳولا ۾ هئا تہ پنهنجي رهائش لاءِ ڪو علائقو هٿ ڪن، ڇاڪاڻ تہ هنن کي اڃا تائين بني اسرائيل جي قبيلن منجھہ ڪو علائقو ڪونہ مليو هو.


سو اهي پنج ئي ڄڻا اُتان روانا ٿيا ۽ ليس شهر ۾ آيا. اُتي ڏٺائون تہ صيدانين وانگر ماڻهن امن ۽ آرام ۾ پئي گذاريو. انهن جي ملڪ ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪمي ڪانہ هئي، تنهنڪري هو ڏاڍا خوشحال هئا. هو صيدانين کان گھڻو پري هئا ۽ ٻئي ڪنهن سان بہ ڪو واسطو نہ هئن.


جن ڏينهن ۾ بني اسرائيل تي ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، تن ڏينهن جي ڳالهہ آهي تہ افرائيم جي جابلو علائقي جي پرانهين پنڌ تي هڪڙو لاوي رهندو هو، جنهن يهوداہ واري بيت‌لحم شهر مان هڪڙي عورت سُريت ڪري پاڻ وٽ رکي هئي.


تنهن کان پوءِ بني اسرائيل اتان روانا ٿيا. هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي قبيلي، ڪٽنب ۽ پنهنجي ورثي واري علائقي ڏانهن موٽيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ